Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ذڪرياہ 6 - Muslim Sindhi Bible


چئن جنگي گھوڙي گاڏين واري رويا

1 مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ پتل جي ٻن جبلن منجھان چار جنگي گھوڙي گاڏيون نڪرندي ڏٺم.

2 پهرين گاڏيءَ جا گھوڙا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ ٻيءَ جا گھوڙا ڪاري رنگ جا هئا.

3 ٽين گاڏيءَ جا گھوڙا اڇي رنگ جا هئا ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گھوڙا ابلق هئا. اهي سڀ طاقتور هئا.

4 مون رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“

5 ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن.

6 جنهن گاڏيءَ ۾ ڪارا گھوڙا آهن سا اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن ٿي وڃي، اڇن گھوڙن واري گاڏي اولاهين ملڪ ڏانهن ۽ ابلق گھوڙن واري گاڏي ڏاکڻي ملڪ ڏانهن ٿي وڃي.

7 انهن سڀني طاقتور گھوڙن وارين گاڏين تي سوار ٿيل پرجوش نموني سان دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ نڪتا آهن.“ تڏهن انهيءَ ملائڪ انهن گھوڙي سوارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، سڄي دنيا جي حالات کي جاچي اچو.“ سو هو انهيءَ مقصد لاءِ روانا ٿي ويا.

8 تڏهن ملائڪ مون کي وڏي واڪي چيو تہ ”ڏس، اهي جيڪي اتر طرف بابل ملڪ ڏانهن وڃن ٿا، سي انهيءَ ملڪ ۾ پهچي اهڙا تہ ڪم ڏيکاريندا جو خداوند جي ڪاوڙ ڍري ٿي ويندي.“


سردار ڪاهن يشوع لاءِ تاج

9 پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ

10 ”اي زڪرياہ! تون اڄ ئي يوسياہ ولد صفنياہ جي گھر وڃ، جتي بابل جي جلاوطنيءَ کان تازو موٽي آيلن مان خلدي، طوبياہ ۽ يدعياہ تو کي سون ۽ چاندي ڏيندا.

11 اهو سون ۽ چاندي کڻي وڃي تون انهن مان هڪڙو تاج ٺهراءِ ۽ اهو تاج سردار ڪاهن يشوع ولد يهوصدق جي مٿي تي وڃي رک.

12 پوءِ مون قادر‌مطلق خداوند جو هي فرمان کيس ٻڌاءِ تہ ’هڪڙو شخص، جنهن کي مون ”نئون ڦٽندڙ سلو“ جو نالو ڏنو آهي، سو وڌي ڦلدار ٿيندو ۽ مون خداوند جي هيڪل کي نئين سر تعمير ڪندو.

13 هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘

14 اهو تاج خلدي، طوبياہ، يدعياہ ۽ يوسياہ ولد صفنياہ جي يادگار طور خداوند جي هيڪل ۾ رهندو.“

15 اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan