ذڪرياہ 4 - Muslim Sindhi Bibleسوني شمعدان ۽ زيتون جي ٻن وڻن واري رويا 1 پوءِ رويا سمجھائڻ وارو اهو ملائڪ وري مون وٽ آيو ۽ مون کي ائين اچي جاڳايائين جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي. 2 هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن. 3 انهيءَ شمعدان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻہ زيتون جا وڻ بيٺل آهن.“ 4 تڏهن مون انهيءَ ملائڪ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هن مان ڇا مراد آهي؟“ 5 هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هن جو مطلب ڇا آهي؟“ مون ورندي ڏني تہ ”منهنجا سائين! نہ.“ 6 تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادرمطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان. 7 جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“ 8 خداوند زربابل بابت وڌيڪ مون کي فرمايو تہ 9 ”زربابل جي هٿن منهنجي گھر جو نئين سر بنياد وڌو آهي ۽ انهيءَ جا هٿ ئي ان کي مڪمل ڪندا.“ اهو ڏسي اوهين يهوداہ وارا ڄاڻي وٺندا تہ قادرمطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. 10 هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“ 11 پوءِ مون انهيءَ ملائڪ کان وري پڇيو تہ ”زيتون جا ٻہ وڻ جيڪي شمعدان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي آهن تن مان ڇا مراد آهي؟ 12 ان کان علاوہ زيتون جي ٻنهي پاسن وارن وڻن جي شاخن مان سونين نلين جي وسيلي جيڪو سونهري تيل نڪري ٿو، تنهن مان پڻ ڇا مراد آهي؟“ 13 هن وراڻيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ انهيءَ جو ڇا مطلب آهي؟“ مون چيو تہ ”اي منهنجا سائين! نہ.“ 14 تڏهن هن ٻڌايو تہ ”هي انهن ٻن شخصن ڏانهن اشارو آهي، جن کي رب العالمين جي خاص خدمت لاءِ مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society