Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ذڪرياہ 2 - Muslim Sindhi Bible


ماپ ڪندڙ جي رويا

1 مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.

2 مون کانئس پڇيو تہ ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ هن مون کي وراڻيو تہ ”يروشلم کي ماپڻ ٿو وڃان، ڏسان تہ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر ڪيتري آهي.“

3 تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ مون کان اڳتي وڌيو تہ هڪڙو ٻيو ملائڪ ساڻس اچي مليو.

4 هن اچي کيس چيو تہ ”ڊوڙ ۽ انهيءَ شخص کي وڃي ٻڌاءِ تہ يروشلم شهر ۾ انسان توڙي جانور ايترا تہ گھڻا ٿي ويندا جو ڪوٽ جي حد ۾ نہ ماپندا، بلڪ ان کان ٻاهر بہ سندن آبادي وڌي ويندي.

5 انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


جلاوطن ٿيلن کي وطن ڏانهن سڏڻ

6-7 خداوند يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! مون ئي اوهان کي دنيا جي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻي اوهين صيئون ڏانهن موٽي اچو، اتر وارن ملڪن مان ڀڄي اچو. هائو، اوهين بابل جي بادشاهتن مان ڀڄي نڪرو.“

8 اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.

9 سو آءٌ ضرور اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس تہ جيئن بدلي ۾ اوهان جا ئي غلام اوهان کي لٽين ڦرين.“ اهو سڀ ٿيڻ تي اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.

10 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي صيئون وارؤ! گيت ڳايو ۽ خوشيون ملهايو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايندس ۽ اوهان منجھہ اچي رهندس.“

11 انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.

12 انهيءَ ڏينهن خداوند پنهنجي پاڪ ملڪ مان وري بني يهوداہ واري حصي کي پنهنجي ميراث قرار ڏيندو ۽ يروشلم کي وري پنهنجو شهر ڪري قبول فرمائيندو.

13 اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan