Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ذڪرياہ 13 - Muslim Sindhi Bible


گناهن کان پاڪ ٿيڻ

1 انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.

2 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.

3 اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.

4 انهيءَ ڏينهن نبي سڏائيندڙ پنهنجي پيغام ٻڌائڻ کان شرمندا ٿيندا. پوءِ اهي ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ وري نبين جي پائڻ وارا خسيس جبا نہ پائيندا.

5 اٽلندو انهن مان هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ نبي ناهيان. آءٌ تہ هڪ هاري آهيان ۽ ننڍپڻ کان وٺي منهنجو گذارو زمين تي آهي.‘

6 جيڪڏهن ڪو کانئس پڇندو تہ ’تنهنجي جسم تي نبين جهڙا هي زخم ڇا جا آهن؟‘ تہ هو جواب ڏيندو تہ ’هي اُهي زخم آهن جيڪي مون کي پنهنجي دوستن جي گھر ۾ رسيا آهن.‘“


خداوند جو ريڍار کي ڌڪ هڻڻ جو حڪم

7 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.

8 تڏهن سڄي ملڪ مان ماڻهن جا ٻہ حصا مارجي ويندا، ۽ رڳو ٽيون حصو وڃي بچندا.

9 آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan