ذڪرياہ 12 - Muslim Sindhi Bibleغير قومن کان يروشلم جو بچاءُ 1 بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ 2-3 ”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو. 4 انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند انهن قومن جي هر گھوڙي کي ٽاهہ ڏيندس ۽ انهن جي سوارن کي ديوانو ڪري ڇڏيندس. آءٌ يهوداہ وارن جي نگهباني ڪندس، پر سندن دشمنن جي سڀني گھوڙن کي انڌو ڪري ڇڏيندس. 5 تڏهن يهوداہ جا اڳواڻ پنهنجيءَ دل ۾ چوندا تہ ’يروشلم جا رهاڪو قادرمطلق خداوند پنهنجي خدا جي ڪري اسان جي طاقت آهن.‘ 6 انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آسپاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو. 7 پر آءٌ خداوند پهريائين يروشلم کان اڳ ۾ سڄي يهوداہ جي آسپاس وارن کي فتح بخشيندس، انهيءَ لاءِ تہ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن جو شان باقي يهوداہ وارن کان وڌي نہ وڃي. 8 پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان. 9 انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم تي ڪاهي ايندڙ سڀني قومن کي برباد ڪري ڇڏيندس.“ 10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي. 11 انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ ايڏو تہ وڏو سوڳ ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح مگدون جي ماٿريءَ ۾ هدد رمون جي لاءِ سوڳ ڪيو ويندو آهي. 12-14 سڄي ملڪ جو هر ڪو گھراڻو جدا جدا سوڳ ڪندو، يعني دائود جو گھراڻو، ناتن جو گھراڻو، لاويءَ جو گھراڻو، سمعي جو گھراڻو ۽ باقي ٻيا سڀ گھراڻا. هر گھراڻي جا مرد جدا پيا روئندا رڙندا تہ عورتون جدا پيون روئنديون رڙنديون.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society