ذڪرياہ 10 - Muslim Sindhi Bibleخداوند پنهنجي قوم جو بچائيندڙ 1 بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي. 2 بوتا ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، ۽ فالون وجھندڙ ڪوڙيون رويائون ٿا ڏسن. هو ڪوڙا خواب ٻڌائي ماڻهن کي دلداري ٿا ڏين، جڏهن تہ هنن جي اها دلداري اجائي آهي. سو ماڻهو بنا ريڍار جي رڍن وانگر رلي ويا آهن، هائو، کين ستايو وڃي ٿو، ڇو تہ سندن ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي. 3 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهن ڌارين حڪمرانن تي منهنجي ڪاوڙ ڀڙڪي اُٿي آهي، جيڪي منهنجي قوم تي حڪمراني ڪن ٿا، سو آءٌ انهن کي سزا ڏيندس. هاڻ آءٌ قادرمطلق خداوند پاڻ پنهنجي قوم، يعني يهوداہ وارن جي سنڀال لهندس. آءٌ انهن کي زورآور جنگي گھوڙي جهڙو ڪندس. 4 انهن منجھان ئي سندن حاڪم بڻايا ويندا، جيڪي بنياد جي پٿر، تنبوءَ جي ڪليءَ، ۽ جنگي تيرڪمان مثل هوندا. 5 سڀيئي يهوداہ وارا اهڙا تہ جنگي جوڌا ٿيندا، جو لڙائيءَ ۾ پنهنجي دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيندا. جيئن تہ آءٌ خداوند انهن سان گڏ آهيان، تنهنڪري هو وڙهندا، ۽ گھوڙي سوارن کي اونڌي منهن ڪيرائي ڇڏيندا. 6 آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس. 7 اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا، ۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون. اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو، ۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون. 8 آءٌ کين جلاوطنيءَ مان ڇڏائي اشاري سان سڏي آڻي سندن وطن ۾ گڏ ڪندس. پوءِ هو جيئن اڳي تعداد ۾ گھڻا هئا تيئن ئي وڌي گھڻا ٿيندا. 9 جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، تہ بہ هو ڏورانهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا. هو پنهنجي اولاد سميت زندہ رهندا ۽ وطن موٽي ايندا. 10 آءٌ کين مصر توڙي اشور ملڪ مان موٽائي آڻيندس، ۽ کين سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس، بلڪ کين جِلعاد ۽ لبنان جي سرزمين ۾ بہ آڻي گڏ ڪندس. اتي هو ايترا تہ وڌي ويندا جو سڄو ملڪ ساڻن ڀرجي ويندو. 11 هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگھي پار پوندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گجندڙ سمنڊ کي ڌڪ هڻي ماٺو ڪري ڇڏيندس، ۽ مصر جي نيل نديءَ کي تري تائين سڪائي ڇڏيندس. هائو، مغرور اشور ڪنڌ ڀر ڪري پوندو، ۽ طاقتور مصر جي شاهي لٺ ڀڄي پوندي. 12 آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society