ذڪرياہ 1 - Muslim Sindhi Bibleخداوند آڏو توبهہتائب ٿيڻ جو سڏ 1 فارس جي بادشاهہ دارا جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، اٺين مهيني ۾ مون زڪرياہ ولد برڪياہ ولد عدو کي خداوند فرمايو تہ 2 ”آءٌ خداوند بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن تي سخت ناراض رهيو هئس. 3 تنهنڪري اي زڪرياہ! تون بني اسرائيل کي مون قادرمطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيو تہ آءٌ قادرمطلق خداوند بہ اوهان تي وري مهربان ٿيندس. 4 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن کي اڳين نبين پڪاري مون قادرمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ هو پنهنجن بڇڙن افعالن ۽ طور طريقن کان باز اچن. پر هنن مون خداوند جو فرمان ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو. 5 اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟ 6 پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہتائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادرمطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“ چئن گھوڙن واري رويا 7 دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، سباط نالي يارهين مهيني جي چوويهين تاريخ تي مون زڪرياہ کي خداوند هڪ رويا ڏيکاري. 8 رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا. 9 تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“ 10 پوءِ جيڪو ملائڪ مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”هي گھوڙا ۽ سندن سوار اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ موڪليو آهي.“ 11 ان وقت انهن گھوڙي سوارن مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺل انهيءَ ملائڪ کي خبر ڏني تہ ”اسين سڄيءَ دنيا ۾ جاچ ڪري آيا آهيون ۽ ڏٺو اٿئون تہ ماڻهو هر هنڌ مجبور ۽ لاچار آهن.“ 12 تڏهن انهيءَ ملائڪ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي قادرمطلق خداوند! ڪيستائين تون يروشلم بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن تي رحم نہ ڪندين، جن کان تون ستر سالن کان ناراض آهين؟“ 13 تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا. 14 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادرمطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي. 15 پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس. 16 تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادرمطلق خداوند جو فرمان آهي.“ 17 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“ چئن سڱن واري رويا 18 هڪڙي ٻي رويا ۾ مون پنهنجي اڳيان چار سڱ ڏٺا. 19 تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“ 20 پوءِ خداوند مون کي چار ڪاريگر ڏيکاريا. 21 تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society