Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

راڳن جو راڳ 8 - Muslim Sindhi Bible

1 جيئن ڀاءُ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هجي، ۽ انهيءَ جي سڳي ڀيڻ کيس کلئي عام چميون ڏيندي آهي، ڪاش! اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون مون کي رستي ۾ ملين ها، تہ آءٌ بہ تو کي کلئي عام چميون ڏيئي سگھان ها، ۽ ڪوبہ مون کي برو نہ چوي ها.

2 تڏهن آءٌ تو کي وٺي پنهنجي ماءُ جي گھر اچان ها، جنهن منهنجي پرورش ڪئي آهي. اتي آءٌ تو کي پنهنجي خوشبودار مئي، ۽ پنهنجي ڏاڙهن جي رس پيئاريان ها.

3 تنهنجي کاٻي ٻانهن منهنجي مٿي هيٺان هجي ها، ۽ تنهنجي ساڄي ٻانهن مون کي ڀاڪر وجھي ها.

4 اي يروشلم جون عورتون! آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.


ڇهون راڳ ( 8‏:5‏-14 ) (ٻين عورتن جو آواز)

5 انهيءَ نوجوان عورت ڏانهن نهاريو، جيڪا پنهنجي محبوب جي ڪلهي تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان پيئي اچي. اي منهنجا محبوب! جڏهن تون صوف جي وڻ هيٺ ستل هئين، تڏهن مون تو کي جاڳايو. هائو، انهيءَ وڻ هيٺ جتي تنهنجو وجود پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ شروع ٿيو هو، ۽ جتي تنهنجي والدہ تو کي جنم ڏنو هو.


(عورت جو آواز)

6 مون کي هميشہ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي، ۽ منهنجي ياد کي پنهنجي منڊيءَ تي مُهر جيان هڻي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ جيئن موت اڻٽر آهي، تيئن اسان جي محبت اڻٽٽ آهي، ۽ اسان جي هڪٻئي لاءِ ڪشش ڪڏهن بہ ختم ٿيڻ واري ناهي. اسان جي محبت جا شعلا ڀڙڪندڙ باهہ جي شعلن کان بہ وڌيڪ تيز آهن.

7 پاڻيءَ جي ٻوڏ بہ اسان جي عشق جي باهہ کي اجھائي نہ ٿي سگھي، نڪي ٻوڏون انهيءَ کي ٻوڙي ٿيون سگھن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڄي مال ملڪيت جي عيوض اسان جي محبت کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، تہ اهو ائين ڪڏهن ڪري نہ سگھندو، ۽ بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.


(عورت جي ڀائرن جو آواز)

8 اسان جي هڪڙي ننڍڙي ڀيڻ آهي، جنهن کي اڃا ڇاتيون بہ نہ آيون آهن. هاڻي جيڪڏهن سندس شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، تہ پوءِ اسين پنهنجيءَ ڀيڻ لاءِ ڇا ڪريون؟

9 اسان جي ڀيڻ ڀت وانگر سڌي آهي، سو اسين سندس ڇاتيءَ تي چانديءَ جا منارا کڻي جوڙيون، ۽ جيڪڏهن هوءَ دروازو هجي تہ اسين کيس ديال جي ڪاٺ سان سينگاريون.


(عورت جو آواز)

10 اي ڀائرؤ! ڀلي تہ آءٌ هڪڙي ڀت آهيان، پر اڳي ئي منهنجيون ڇاتيون انهيءَ ڀت جا منارا آهن. تنهنڪري مون کي دلجاءِ آهي تہ مون سان گڏ رهڻ ۾ منهنجو محبوب خوش ۽ مطمئن آهي.


(مرد جو آواز)

11 سليمان بادشاهہ کي بعل هامون نالي جاءِ تي هڪڙو انگورن جو باغ هو. هن اهو انگورن جو باغ باغائين کي ٺيڪي ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن لاءِ هر هڪ کي هزار چانديءَ جا سڪا ادا ڪرڻا هئا.

12 اي سليمان! تون ڀلي تہ هڪ هزار سڪا وٺ، ۽ باغ جي ميوي سنڀاليندڙن کي ڀلي تہ ٻہ سؤ سڪا وڌيڪ نفعو ملي. پر منهنجو انگورن جو باغ تہ رڳو منهنجو ئي آهي، جيڪو منهنجي اکين اڳيان آهي.

13 اي منهنجي پياري! تون جيڪا باغ جي وچ ۾ پيئي ڦرين، پنهنجو سريلو آواز ٻڌاءِ. آءٌ ۽ منهنجا سنگتي تنهنجو سريلو آواز ٻڌڻ چاهيون ٿا.


(عورت جو آواز)

14 اي منهنجا محبوب! مون ڏانهن هرڻ وانگر جلدي ڊوڙي اچ، هائو، انهيءَ جوان هرڻ وانگر، جيڪو انهن جبلن تي گھمڻ پسند ٿو ڪري جتي خوشبودار مصالحا ٿا پوکجن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan