راڳن جو راڳ 7 - Muslim Sindhi Bible(مرد جو آواز) 1 اي منهنجي شهزادي! تنهنجا پير تنهنجي جتين ۾ ڪيڏا نہ سهڻا ٿا لڳن. تنهنجي رانن جي گولائي اهڙن زيورن وانگر آهي، جن کي ڪنهن ماهر ڪاريگر جوڙيو هجي. 2 انهن جي وچ ۾ مئي جو هڪ گول پيالو آهي، جنهن ۾ خوشبودار مئي ڀريل آهي. تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آسپاس سوسن گل رکيل هجن. 3 تنهنجيون ٻئي ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻچن جهڙيون آهن، هائو، هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻچن جهڙيون. 4 تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀي جهڙي آهي، تنهنجيون اکيون حشبون شهر جي انهن تلائن جهڙيون آهن، جيڪي بيتربيم جي دروازي وٽ آهن. تنهنجو نڪ لبنان جي مناري جهڙو آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏانهن آهي. 5 تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي. 6 تون ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين! تنهنجي پيار جو لطف ڪيڏو نہ ڀرپور آهي! 7 تنهنجي بيهڪ کجيءَ جي وڻ جهڙي آهي. تنهنجيون ڇاتيون کارڪن جي گوشن مثل آهن. 8 مون سوچيو تہ آءٌ انهيءَ کجيءَ تي چڙهندس، ۽ انهيءَ جو ميوو چونڊيندس. تنهنجيون ڇاتيون منهنجي لاءِ انگورن جا ڇڳا آهن، ۽ تنهنجي ساهہ کڻڻ واري خوشبوءِ صوفن جي خوشبوءِ جهڙي آهي. 9 تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي. (عورت جو آواز) 10 اي منهنجا محبوب! آءٌ تنهنجي آهيان، ۽ تون مون لاءِ ئي مشتاق آهين. 11 اي منهنجا محبوب! اچ، اچ تہ اسين ٻنين ۾ سير ڪريون، ۽ ڳوٺن ۾ هلي اڪيلائيءَ ۾ رات گذاريون. 12 پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس. 13 اي منهنجا محبوب! سرور ڏيندڙ گلن جي خوشبوءِ هوا ۾ ڦهلجي ويئي آهي. اسان جي باغ جي دروازي وٽ هر طرح جا عمدا ميوا آهن. انهيءَ باغ جا تازا توڙي خشڪ ميوا، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society