Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

راڳن جو راڳ 6 - Muslim Sindhi Bible


(انهن عورتن جو آواز)

1 اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ هائو، ٻڌاءِ تہ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي نڪري ويو آهي؟ انهيءَ لاءِ تہ اسين تو سان گڏجي هلي انهيءَ کي ڳوليون.


(عورت جو آواز)

2 منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.

3 آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.


پنجون راڳ ( 6‏:4‏–8‏:4 ) (مرد جو آواز)

4 اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ حسين آهين. تون ترضہ شهر جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم شهر جهڙي وڻندڙ آهين. تنهنجي سونهن منهنجي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.

5 تنهنجي نظرن جو تاب ڏاڍو تکو آهي، ۽ منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي، سو مون کي انهيءَ کان بچاءِ. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.

6 تنهنجا ڏند رڍن جي انهيءَ ڌڻ کان بہ وڌيڪ اڇا آهن، جنهن جون رڍون وهنجي نڪتيون هجن، جيڪي سڀيئي گڏ هجن ۽ منجھن ڪابہ اڪيلي نہ هجي.

7 تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.

8 بادشاهہ وٽ ڪيتريون ئي راڻيون، سريتون ۽ هزارين ٻيون ڪنواريون ڀلي ڇو نہ هجن،

9 پر تون تہ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ بي‌عيب ۽ بي مثال ڪبوتري آهين. تون پنهنجي ماءُ جي پياري ۽ سڪيلڌي ڌيءَ آهين. نوجوان ڇوڪرين، بادشاهہ جي راڻين ۽ سريتين، جن بہ تو کي ڏٺو تن تو کي ساراهيو، ۽ تنهنجي واکاڻ هيئن ڳائڻ لڳيون تہ

10 ”اها ڪير آهي، جيڪا صبح جهڙي روشن ٿي ڏسجي؟ اها چنڊ جهڙي حسين ۽ سج جهڙي تجليدار آهي، جنهن جي سونهن اسان جي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.“

11 آءٌ اخروٽن جي باغ ۾ ويس، انهيءَ لاءِ تہ برساتي نهر وٽ وڻن کي ڏسان. هائو، آءٌ ڏسان تہ انگورن جي ولين ۾ ٻور آيو آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟

12 اوچتو آءٌ پيار جي جوش ۾ ائين مدهوش ٿي ويس، ڄڻ تہ آءٌ شاندار شاهي گھوڙي گاڏيءَ ۾ سواري ڪري رهيو آهيان.

13 اي بي‌مثل ۽ بي‌عيب ڇوڪري! مون وٽ موٽي اچ، موٽي اچ تہ آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان. اي منهنجا محبوب! تون ڇو ٿو چاهين تہ مون کي ٻين جي آڏو نچندو ڏسين؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan