Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

راڳن جو راڳ 5 - Muslim Sindhi Bible


(مرد جو آواز)

1 اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


(ٻين عورتن جو آواز) چوٿون راڳ ( 5‏:2‏–6‏:3 ) (عورت جو آواز)

2 آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“

3 پر مون وراڻيو تہ ”آءٌ تہ اڳ ۾ ئي ڪپڙا لاهي چڪي آهيان، ڇا هاڻي آءٌ وري اهي پائيان؟ آءٌ تہ اڳ ۾ ئي پنهنجا پير بہ ڌوئي چڪي آهيان، هاڻي وري ڪيئن انهن کي ميرو ڪريان؟“

4 تڏهن ڏٺم تہ منهنجي محبوب دروازي جي سوراخ مان پنهنجو هٿ اندر ٽپايو. ۽ منهنجي دل هن لاءِ ڇڪجي ويئي.

5 آءٌ اٿيس تہ جيئن پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليان، تہ منهنجي هٿن مان مُر جا ڦڙا ڪرڻ لڳا. هائو، منهنجي آڱرين مان پٽڙي مُر وهڻ لڳي، ۽ دروازي جي هٿئي تي وڃي پيئي.

6 مون پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليو، پر منهنجو محبوب اڳي ئي موٽي هليو ويو هو. سندس هليو وڃڻ جي ڪري منهنجو هانءُ ٻڏڻ لڳو. مون کيس سڏ ڪيا پر هن ڪو جواب نہ ڏنو. مون هن کي ڳوليو پر لهي نہ سگھي مانس.

7 تڏهن پهري وارا، جن شهر ۾ گشت پئي ڪيو، سي مون کي مليا. هنن مون کي مار ڏني ۽ زخمي ڪري وڌائون. ڪوٽ جي انهن پهريدارن مون کان منهنجي چادر بہ کسي ورتي.

8 اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جيڪڏهن منهنجي محبوب کي ڏسو تہ کيس ٻڌائجو تہ آءٌ سندس سڪ ۾ پيئي ڳران.


(انهن عورتن جو آواز)

9 اي عورتن ۾ سڀني کان سهڻي! تنهنجو محبوب ٻئي ڪنهن محبوب کان ڪيئن وڌيڪ آهي؟ اهو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ ٻين کان وڌيڪ آهي، جو تون اسان کي اهڙيءَ طرح قسم ٿي وجھين؟


(عورت جو آواز)

10 منهنجو محبوب حسين ۽ صحتمند آهي. هو لکن ۾ هڪڙو آهي.

11 هن جو چهرو نهايت خالص سون جهڙو چمڪندڙ آهي. هن جا وار گھنڊيدار ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.

12 هن جون اکيون انهن ڪبوترن جهڙيون خوبصورت آهن، جيڪي وهندڙ نهرن تي ويٺل هجن، جيڪي کير ۾ وهنجاريل آهن ۽ چشمي تي ويٺا هجن.

13 هن جي ڳلن مان اهڙي تہ خوشبوءِ پئي اچي، جهڙي خوشبودار مصالحن سان ڀريل هڪڙي باغ مان ايندي آهي. هن جا چپ سوسن جي گلن جهڙا آهن، جن مان خالص مُر پيئي ٽمي.

14 هن جون ٻانهون اهڙيون تہ آهن، جو ڄڻ تہ سونين شاخن تي هيرا جواهر جڙيل هجن. هن جو بدن ڄڻ تہ عاج جو ٺهيل آهي، جنهن تي نيلم جا گل لڳل هجن.

15 هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي انهن ٿنڀن جهڙيون آهن، جيڪي خالص سون جي پاون مٿان هجن. هو اهڙو تہ شاندار آهي جهڙا لبنان جا جبل. هائو، هو ديال جي وڻن جيان بي مثال آهي.

16 هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan