Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

راڳن جو راڳ 3 - Muslim Sindhi Bible

1 رات جي وقت جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ليٽيل هئس، تہ مون کي پنهنجي محبوب جي ياد ڏاڍو ستايو. تڏهن مون اُٿي ڪري انهيءَ کي ڏاڍو ڳوليو، پر هو نہ مليو.

2 سو مون سوچيو تہ هاڻي آءٌ ٻاهر نڪري سڄي شهر ۾ هر پاسي گھمنديس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو مون کي منهنجي ساهہ کان پيارو آهي، تنهن کي گھٽين ۽ چؤسولن تي ڳوليان. مون هن کي ڳوليو پر هو مون کي ڪين مليو.

3 پر پهري وارا جيڪي شهر ۾ گشت پيا ڪن، سي مون سان مليا. مون انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان انهيءَ کي ڏٺو، جنهن سان منهنجو جيءُ جڙيل آهي؟“

4 آءٌ اڃا انهن کان ٿورو اڳتي هليس، تہ هو مون کي ملي ويو، جيڪو منهنجي جان کان پيارو آهي. مون هن کي جھلي ورتو ۽ وڃڻ ڪين ڏنو مانس، ايستائين جو آءٌ کيس پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ وٺي آيس، هائو، انهيءَ ماءُ جي گھر، جنهن مون کي پنهنجي پيٽ ۾ جھليو هو.

5 اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون.


ٽيون راڳ ( 3‏:6‏–5‏:1 ) (عورت جو آواز)

6 اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟

7 ڏسو، اها تہ سليمان جي پالڪي آهي، جنهن جي چوڌاري بني اسرائيل جي بهادرن مان سٺ بهادر آهن.

8 اهي سڀيئي تلوارباز ۽ جنگ جا ماهر آهن. رات جي حملي جي خطري سبب انهن مان هر هڪ کي سندس ران سان تلوار ٻڌل آهي.

9 بادشاهہ سليمان جيڪا پالڪي پنهنجي لاءِ جوڙائي آهي، سا لبنان جي عمدي ڪاٺ مان ٺهيل آهي.

10 انهيءَ جي ٿنڀن تي چاندي چڙهيل آهي، ۽ ڇت سون سان ڍڪيل اٿس. انهيءَ جي ويهڻ واري گدي واڱڻائي رنگ جي آهي. انهيءَ پالڪيءَ جو اندريون سينگار نهايت دل وَ جان سان ڪيو ويو آهي. اي يروشلم جون عورتون! ٻاهر نڪري اچو.

11 هائو، اي صيئون جون عورتون! سليمان بادشاهہ کي ڏسو. انهيءَ جي مٿي تي هڪ تاج آهي، جيڪو سندس شاديءَ جي ڏينهن، يعني دل جي خوشيءَ جي ڏينهن، سندس ماءُ کيس پارايو هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan