راڳن جو راڳ 2 - Muslim Sindhi Bible1 آءٌ تہ ميدان جي رڳو جھنگلي گل مثل آهيان. هائو، آءٌ ڄڻ تہ پهاڙي ماٿرين جو سوسن گل آهيان. (مرد جو آواز) 2 جيئن سوسن گل ڪنڊن جي وچ ۾ هوندو آهي، تيئن ئي اي منهنجي محبوبہ! تون ٻين ڪنوارين ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حسين آهين. (عورت جو آواز) 3 جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي. 4 تون مون کي پنهنجي مئيخاني ۾ وٺي آيو آهين، ۽ مون تي پنهنجي محبت جو وسڪارو ڪيو اٿيئي. 5 اي منهنجا محبوب! پنهنجي ڪشمش سان منهنجي قوت بحال ڪر، ۽ پنهنجي صوفن سان مون کي تازو توانو ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ محبت جي ماريل آهيان. 6 پنهنجي کاٻي ٻانهن منهنجي مٿي هيٺان رک، ۽ پنهنجي ساڄيءَ ٻانهن سان مون کي ڀاڪر پاءِ. 7 اي يروشلم جون نوجوان عورتون! آءٌ اوهان کي نازڪ هرڻين، ۽ ميدان جي ڄانگھن جو قسم ٿي ڏيان تہ مون سان واعدو ڪريو تہ جيستائين اسين پيار ۾ مشغول هجون، تيستائين اوهين اسان جي پيار ۾ رخنو نہ وجھنديون. ٻيو راڳ ( 2:8–3:5 ) (عورت جو آواز) 8 آءٌ پنهنجي محبوب جو آواز ٻڌان ٿي، ڏسو، هو جبلن مٿان ڊوڙندو، ۽ ٽڪرين کي اورانگھيندو، مون ڏانهن اچي رهيو آهي. 9 منهنجو محبوب هرڻ جهڙو آهي، هائو، هو جوان ڄانگھي جهڙو آهي. ڏسو، هو اسان جي ڀت پٺيان بيٺو آهي. هو درين مان جھاتيون ٿو پائي، ۽ ڳڙکين مان پاڻ ٿو ڏيکاري. 10 منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ. (مرد جو آواز) 11 ڏس، سيارو گذرڻ وارو آهي، مينهن وسي بس ڪئي آهي. 12 ڌرتيءَ تي گلن بهار لاتي آهي، گيتن ڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڏس، هر هنڌ ڳيرين جو آواز پيو ٻڌجي. 13 انجير جي وڻن ۾ ميوو پچڻ لڳو آهي، انگورن جي ولين جي ٻور هوا کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. سو اُٿ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ. 14 اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي. (عورت جو آواز) 15 اي منهنجا محبوب! تون انهن وڏين توڙي ننڍين لومڙين کي منهنجي ويجھو اچڻ نہ ڏي، متان اهي منهنجي انگورن جي باغ جو زيان ڪن، ڇاڪاڻ تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي. 16 اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم، 17 جيستائين صبح جي ٿڌڙي هير گھلي، ۽ رات جي اونداهي گم ٿي وڃي. پوءِ ڀلي موٽي وڃ. تون انهيءَ هرڻ يا جوان ڄانگھي جيان ڇال ڏيندو وڃ، جيڪو باتر جي جبلن ۾ رهي ٿو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society