Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رُوت 4 - Muslim Sindhi Bible


بوعز جو رُوت سان شادي ڪرڻ

1 انهيءَ کان پوءِ بوعز شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ وڃي ويٺو. جڏهن نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو وڌيڪ ويجھو مائٽ، جنهن جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اتان اچي لنگھيو تہ بوعز کيس سڏي چيو تہ ”اي فلاڻا! هيڏانهن اچ ۽ هتي اچي ويهہ.“ سو هو اچي وٽس ويٺو.

2 پوءِ بوعز شهر جي اڳواڻن مان ڏهن ڄڻن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين بہ هتي اچي ويهو.“ سو هو بہ اتي ويهي رهيا.

3 تڏهن هن انهيءَ شخص کي چيو تہ ”نعوميہ، جيڪا موآب جي ملڪ مان موٽي آئي آهي سا اسان جي مائٽ اِليملڪ جي حصي واري ٻني وڪڻڻ گھري ٿي.

4 تنهنڪري مون سوچيو تہ اها ڳالهہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ اهو بہ چوان تہ تون هنن سڀني ويٺل ماڻهن، يعني اسان جي قوم جي اڳواڻن جي روبرو اها ٻني خريد ڪر. جيڪڏهن تون اها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گھرين ٿو تہ ڀلي ڇڏاءِ. پر جيڪڏهن تون اها ڇڏائڻ نہ ٿو چاهين تہ ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ کي ڇڏائڻ جو پهريون حق تنهنجو آهي ۽ تو کان پوءِ منهنجو.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”آءٌ اها ڇڏائيندس.“

5 تڏهن بوعز کيس چيو تہ ”جنهن ڏينهن تون اها ٻني نعوميہ کان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن تو کي رُوت موآبڻ کي بہ وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ فوتيءَ جي زال آهي، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي.“

6 تنهن تي انهيءَ ويجھي مائٽ چيو تہ ”آءٌ پاڻ اها ٻني ڇڏائي نہ ٿو سگھان، متان اها منهنجي پنهنجي ميراث لاءِ نقصانڪار ٿئي. سو جيئن تہ آءٌ انهيءَ کي ڇڏائي نہ ٿو سگھان تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڇڏائڻ وارو حق تو کي ٿو ڏيان.“

7 هاڻي اڳئين زماني ۾ بني اسرائيل ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڇڏائڻ ۽ مٽا سٽا ڪرڻ واري معاملي کي بحال رکڻ لاءِ اها رسم هوندي هئي جو سودو ڪندڙن مان هڪ ماڻهو پنهنجي جتي لاهي ٻئي کي ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ انهيءَ دستور سان ڪنهن معاملي جي تصديق ڪئي ويندي هئي.

8 سو انهيءَ ماڻهوءَ جڏهن بوعز کي چيو تہ ”تون اها ٻني پنهنجي لاءِ خريد ڪر،“ تڏهن هن پنهنجي جتي لاٿي.

9 تڏهن بوعز انهن اڳواڻن ۽ اتي موجود ٻين سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ اوهين سڀ شاهد آهيو تہ اِليملڪ ۽ سندس پٽن محلون ۽ ڪليون جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون نعوميہ جي هٿان خريد ڪئي.

10 انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“

11 تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.

12 شال تنهنجو اولاد، جيڪو خداوند تو کي انهيءَ زال مان ڏئي، سو پڻ فارص جي گھر جهڙو پنهنجو گھر ٺاهي، هائو، اهو فارص جيڪو يهوداہ کي تمر مان ڄائو هو.“


دائود جو نسب‌نامو

13 سو بوعز رُوت کي پنهنجو ڪيو ۽ ساڻس شادي ڪيائين. پوءِ هو وٽس ويو ۽ خداوند رُوت کي پيٽ سان ڪيو ۽ انهيءَ پٽ ڄڻيو.

14 تڏهن عورتن نعوميہ کي چيو تہ ”تعريف انهيءَ خداوند جي آهي، جنهن تو کي اڄ پٽ عطا ڪري تنهنجو عيوضو ڀريندڙ هڪ عزيز تو کي ڏنو آهي. شال سندس نالو بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿئي!

15 هو تنهنجي زندگيءَ کي نئون ڪندو ۽ تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ تنهنجو سهارو ٿيندو. انهيءَ لاءِ جو تنهنجي ننهن جنهن جي تو سان محبت آهي ۽ جيڪا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ وڌيڪ آهي، تنهن انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“

16 پوءِ نعوميہ ٻارڙو پنهنجي هنج ۾ کنيو ۽ انهيءَ کي پالڻ لڳي.

17 پاڙي وارين عورتن ٻار جو نالو عوبيد رکيو. انهن هر ڪنهن کي ٻڌايو تہ ”نعوميہ کي پٽ ڄائو آهي.“ اهو عوبيد يسيءَ جو پيءُ هو ۽ يسي وري دائود جو پيءُ هو.

18 فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون،

19 حصرون مان رام، رام مان عمينداب،

20 عمينداب مان نحسون، نحسون مان سلمون،

21 سلمون مان بوعز، بوعز مان عوبيد،

22 عوبيد مان يسي ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan