رُوت 2 - Muslim Sindhi Bibleرُوت جو بوعز جي ٻنيءَ مان سنگ ميڙڻ 1 نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو سندس ئي گھراڻي مان هڪڙو مائٽ هو، جيڪو وڏو زميندار ۽ اثر وَ رسوخ وارو ماڻهو هو ۽ ان جو نالو بوعز هو. 2 هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“ 3 سو هوءَ ويئي ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لابارو ڪرڻ وارن جي پٺيان رهيل سنگ ميڙڻ لڳي. اتفاق سان ٻنيءَ جو اهو ٽڪرو بوعز جو هو، جيڪو اِليملڪ جي گھراڻي مان هو. 4 ڪجھہ وقت کان پوءِ بوعز پاڻ بہ بيتلحم شهر کان اچي پهتو ۽ لاباري ڪرڻ وارن کي سلام ڪندي چيائين تہ ”خداوند شل اوهان جو ساڻي هجي.“ هنن کيس وراڻيو تہ ”خداوند شل تو کي برڪت عطا ڪري.“ 5 تڏهن بوعز لاباري ڪرڻ وارن مٿان مقرر ڪيل پنهنجي رکوالي کان پڇيو تہ ”هيءَ نوجوان عورت ڪير آهي؟“ 6 رکوالي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اها هڪڙي ڌاري نوجوان عورت آهي، جا موآب جي ملڪ مان نعوميہ سان گڏجي آئي آهي. 7 هن مون کي چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي لاباري ڪرڻ وارن جي پٺيان ٻڌل سٿرين جي وچان ڪريل سنگ ميڙي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏي.‘ سو هن اچي صبح کان وٺي هن وقت تائين ساندهہ ڪم پئي ڪيو آهي. رڳو ٿوري دير لاءِ ڇپري هيٺان ساهہ پٽيو اٿس.“ 8 تڏهن بوعز رُوت کي چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون هن ٻنيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ ٻنيءَ ۾ سنگ ميڙڻ نہ وڃ، بلڪ هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏجي ڪم ڪر. 9 تون انهيءَ ٻنيءَ جي نظرداري پيئي ڪر جنهن ۾ منهنجا ماڻهو لابارو پيا ڪن ۽ تون سندن پٺيان لڳي رهہ. آءٌ هنن ماڻهن کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هو تو کي تنگ نہ ڪن. جڏهن بہ تو کي اڃ لڳي، تڏهن انهن جي ڀريل دلن مان وڃي پاڻي پيجانءِ.“ 10 تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“ 11 بوعز کيس ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي مڙس جي مُئي کان پوءِ جيڪي بہ پنهنجيءَ سس سان ڪيو آهي، سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ تون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي وطن کي ڇڏي انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ ڄاڻيندي هئينءَ. 12 شال خداوند تو کي تنهنجي ڪم جو اجورو ڏئي، شال خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان تو کي پورو انعام ملي، هائو، انهيءَ کان جنهن جي پرن جي پاڇي هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.“ 13 رُوت وراڻيس تہ ”منهنجا وڏيرا! شال توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي رهي. توهان پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهائي دلداري ڏني آهي، توڻي جو آءٌ توهان جي نوڪرياڻين مان ڪنهن هڪڙيءَ جهڙي بہ ناهيان.“ 14 مانيءَ مهل بوعز رُوت کي چيو تہ ”هيڏانهن اسان وٽ اچ، اچي چرهاڻ سان ماني کاءُ.“ سو هوءَ لاباري ڪرڻ وارن سان وڃي ويٺي ۽ بوعز کيس ڪجھہ ڀڳل اناج ڏنو. هن ڍءُ ڪري کاڌو ۽ ڪجھہ بچايائين بہ. 15 جڏهن هوءَ سنگ چونڊڻ لاءِ اُٿي هلي ويئي تڏهن بوعز پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”توڙي جو هوءَ سٿرين جي وچ مان سنگ چونڊي تڏهن بہ نہ جھليوس، 16 بلڪ سٿرين مان ڪجھہ تِيلا ڪيرائي بہ ڏيوس تہ هوءَ اهي بہ کڻي ۽ ڇينڀيوس نہ.“ 17 اهڙيءَ طرح رُوت شام تائين سنگ چونڊيندي رهي. پوءِ هن انهن جوَن جي سنگن کي سٽي ان ڪڍيو جيڪو اٽڪل ڏهہ ڪلوگرام ٿيو. 18 هوءَ اُهو شهر ڏانهن کڻي آئي ۽ جيترو گڏ ڪيو هئائين سو پنهنجي سس کي ڏيکاريائين. ڍءُ ڪري کائڻ کان پوءِ جيڪو کاڌو بچايو هئائين سو بہ کيس ڏنائين. 19 سندس سس کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڪٿان سنگ چونڊيا اٿيئي؟ ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيئِہ؟ خدا شال انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جنهن تنهنجو خيال رکيو.“ پوءِ رُوت پنهنجي سس کي انهيءَ شخص جي باري ۾ ٻڌايو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين. رُوت کيس ٻڌايو تہ ”جنهن ماڻهوءَ وٽ اڄ مون ڪم ڪيو تنهن جو نالو آهي بوعز.“ 20 نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”خداوند شل انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جيڪو اسان جيئرن توڙي اسان جي مئلن تي مهرباني ٿو ڪري.“ نعوميہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”اهو ماڻهو اسان جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهي.“ 21 پوءِ رُوت چيو تہ ”خوشيءَ جي ڳالهہ هيءَ آهي تہ هن مون کي ائين بہ چيو آهي تہ ’جيستائين منهنجا ماڻهو منهنجو سڄو لابارو لاهين تيستائين تون ساڻن سنگ چونڊيندي رهہ.‘“ 22 نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”منهنجي ڌيءَ! تنهنجي لاءِ چڱو آهي تہ تون هن جي نوڪرياڻين سان گڏجي ويندي ڪر، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي جي ٻنيءَ ۾ متان تو سان ڪو ڇيڙڇاڙ ڪري.“ 23 سو رُوت بوعز جي نوڪرياڻين سان گڏ تيستائين سنگ چونڊڻ لاءِ ويندي رهي جيستائين جوَن ۽ ڪڻڪ جا لابارا نہ لٿا ۽ هوءَ پنهنجي سس سان گڏ گذاريندي رهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society