رومين 8 - Muslim Sindhi Bibleپاڪ روح موجب زندگي گذارڻ 1 پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن. 2 پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي. 3 جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي. 4 اهو خدا انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ شريعت جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پاڪ روح موجب زندگي گذاريون ٿا. 5 سو جيڪي انساني فطرت جي تابع آهن تن جي سوچ دنياوي آهي، پر جيڪي پاڪ روح جي تابع آهن تن جي سوچ روحاني آهي. 6 انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پاڪ روح واري سوچ زندگي ۽ خدا سان ميل ميلاپ آهي. 7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي. 8 جيڪي انساني فطرت موجب هلن ٿا سي خدا کي راضي رکي نہ ٿا سگھن. 9 پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پاڪ روح موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ خدا جو روح رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جو روح نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي. 10 پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو گناهہ جي ڪري اوهان جو جسم مئل آهي، تڏهن بہ خدا ڏانهن سچار هئڻ ڪري زندگي بخشيندڙ پاڪ روح اوهان ۾ آهي. 11 هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ خدا جو روح موجود آهي، جنهن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيارڻ وارو اوهان جي فاني جسمن کي بہ پنهنجي انهيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. 12 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب زندگي گذاريون. 13 هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب زندگي گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پاڪ روح جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيئرا رهندا. 14 سو جيڪي خدا جي روح جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي خدا جا ٻار آهن. 15 ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون. 16 اهو پاڪ روح پاڻ اسان جي روح سان گڏ شاهدي ٿو ڏئي تہ اسين خدا جا ٻار آهيون. 17 جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون. خدا جي جلوي جي اميد 18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جلوي سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون. 19 سڄي مخلوقات ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن خدا جا ٻار انهيءَ جلوي ۾ ظاهر ڪيا ويندا. 20 جيتوڻيڪ مخلوقات پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر خدا کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي 21 تہ ڪو وقت ايندو جڏهن مخلوقات کي بہ فنا جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ خدا جي ٻارن جي جلوي واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. 22 جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي مخلوقات هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي. 23 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ خدا اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پاڪ روح جي صورت ۾ عطا ڪئي آهي، تہ بہ خدا جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي بدن کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون. 24 انهيءَ اميد سان اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟ 25 پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون. 26 انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پاڪ روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب دعا گھرون، سو پاڪ روح پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيو ڪري. 27 خدا جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پاڪ روح ڇا ٿو چاهي، يعني پاڪ روح سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سفارش ٿو ڪري. 28 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن. 29 هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي. 30 سو خدا جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيائين. عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جو پيار 31 سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ 32 هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟ 33 ڪير آهي جيڪو خدا جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ خدا خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 34 ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري. 35 پوءِ ڪير آهي جيڪو اسان کي مسيح جي پيار کان جدا ڪري سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ هجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ هجون يا اسان کي ماريو وڃي، 36 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“ 37 انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو. 38 منهنجو ايمان آهي تہ نہ موت، نہ حياتي، نہ ملائڪ، نہ بدروح، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ طاقتون، 39 نہ آسمان، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي خدا جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو عيسيٰ مسيح يعني اسان جي خداوند جي وسيلي اسان کي مليو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society