رومين 6 - Muslim Sindhi Bibleگناهہ جي نسبت مئل هجڻ 1 تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ گناهہ ڪندا رهون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟ 2 نہ، هرگز نہ. اسين جيڪي گناهہ جي نسبت مري چڪا آهيون، سي وري ڪيئن گناهہ واري زندگي گذاري ٿا سگھون؟ 3 ڇا اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين جيڪي بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان هڪ ٿيا آهيون، سي انهيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ساڻس هڪ ٿي ويا آهيون؟ 4 تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون. 5 جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين. 6 سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون، 7 ڇاڪاڻ تہ جيڪو مسيح سان گڏ مري ويو سو گناهہ کان آزاد ڪيو ويو آهي. 8 هاڻ جڏهن اسين مسيح سان گڏ مري ويا آهيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آهي تہ ساڻس گڏ جيئري رهڻ ۾ بہ شامل رهنداسين، 9 ڇاڪاڻ تہ مسيح جيڪو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي سو وري ڪڏهن بہ نہ مرندو. هاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آهي. 10 هائو، جڏهن هو مري ويو تہ هميشہ جي لاءِ گناهہ جي اختيار کان نڪري ويو ۽ هاڻي جڏهن هو وري جيئرو ٿيو آهي تہ سندس زندگي خدا لاءِ مخصوص آهي. 11 اهڙيءَ طرح اوهين بہ پاڻ کي گناهہ جي نسبت مئل سمجھو، جڏهن تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهين پنهنجي زندگي خدا لاءِ مخصوص سمجھو. 12 تنهنڪري اوهين پنهنجي هن فاني جسم ۾ گناهہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين گناهہ وارين خواهشن جي تابعداري ڪريو. 13 پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين. 14 سو اڳتي گناهہ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين شريعت جي تابع نہ، بلڪ خدا جي فضل جي تابع آهيو. سچائيءَ جا غلام 15 پوءِ ڇا اسين گناهہ ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ هاڻي اسين شريعت جي نہ، پر خدا جي فضل جي تابع آهيون؟ نہ، هرگز نہ. 16 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ انهيءَ طرح اوهين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ جا غلام ٿا بڻايو؟ هاڻي جيڪڏهن اوهين گناهہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آهي. پر جيڪڏهن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو سچائي آهي. 17 حقيقت ۾ اوهين اڳي گناهہ جا غلام هئا، پر خدا جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل تعليم تي هلندي دل وَ جان سان ان جي تابع ٿيا آهيو. 18 هائو، اوهين گناهہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿي سچائيءَ جا غلام بڻيا آهيو. 19 اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو. 20 جڏهن اوهين گناهہ جا غلام هئا، تڏهن اوهان تي سچائيءَ جي ڪا پابندي نہ هئي. 21 پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي. 22 پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي. 23 بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society