رومين 4 - Muslim Sindhi Bibleابراهيم جو مثال 1 هاڻ آءٌ ابراهيم جو مثال ڏيندس، جيڪو جسماني طور اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن خدا ڏانهن سچار بڻيو. 2 جيڪڏهن ابراهيم پنهنجي عملن جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر خدا جي حضور ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو، 3 ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ 4 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي. 5 جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر خدا تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو ايمان سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي. 6 جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ 7 ”سڀاڳا آهن اهي، جن جا ڏوهہ خدا معاف ڪيا آهن، ۽ جن جا گناهہ بخشي ڇڏيا اٿائين. 8 هائو، سڀاڳا آهن اهي جن جا گناهہ خداوند ليکي ۾ ڪين ٿو آڻي.“ 9 ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جيڪي طهريل آهن؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جيڪي طهريل نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابراهيم جي ايمان رکڻ جي ڪري ئي خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 10 ابراهيم جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس طهر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابراهيم جي طهر ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي. 11 ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻطهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو. 12 ان سان گڏوگڏ هو انهن طهريلن جو بہ پيءُ آهي، جيڪي نہ رڳو طهريل آهن پر ايمان واري اهڙي زندگي گذارين ٿا جهڙي اسان جي پيءُ ابراهيم طهر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري. خدا جو واعدو ايمان جي وسيلي 13 ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو. 14 جيڪڏهن دنيا جي وارث بڻائڻ جو واعدو خدا انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ خدا تي ايمان آڻڻ اجايو ۽ سندس واعدو بيڪار ٿي پوي ها. 15 ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟ 16 تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي، 17 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن. 18 ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“ 19 جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابراهيم جو ايمان ڪمزور نہ ٿيو 20 ۽ خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪندو رهيو. 21 هائو، هن کي پورو يقين هو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. 22 اهو ئي سبب هو جو خدا ابراهيم کي سندس ايمان رکڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 23 اهي لفظ تہ ”پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو،“ رڳو ابراهيم لاءِ لکيل نہ آهن، 24 پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنهن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو. 25 اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society