Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 3 - Muslim Sindhi Bible


خدا سچو آهي

1 تہ پوءِ يهودي هئڻ يا طهر ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟

2 هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.

3 پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟

4 بلڪل نہ. خدا هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي خدا! تون هميشہ پنهنجي قولن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو فتح حاصل ڪئي آهي.“

5 پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”خدا سچو نہ آهي، جو هو غضب نازل ڪري ٿو.“

6 ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ خدا ڪيئن جهان جي عدالت ڪندو؟

7 شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاهر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟“

8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها تعليم اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


ڪوبہ سچار نہ آهي

9 پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،

10 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آهي، هڪڙو بہ نہ.

11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آهي.

12 سڀني ماڻهن خدا کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي گمراهہ ٿي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ.

13 انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن.

14 انهن جا وات ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آهن.

15 انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.

16 اُهي جتي بہ وڃن ٿا تہ مصيبت ۽ تباهي ٿا پکيڙين.

17 انهن کي امن جي رستي جي خبر ئي نہ آهي،

18 نہ وري کين خدا جو ڪو خوف آهي.“

19 پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي شريعت جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي دنيا سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات خدا آڏو گنهگار قرار ڏني وڃي.

20 مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو خدا ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناهن جي خبر پوي ٿي.


خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جو وسيلو ايمان ئي آهي

21 پر هاڻي خدا پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان شريعت جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو توريت ۽ ٻين نبين جون پاڪ لکتون ڏين ٿيون.

22 جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ خدا انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،

23 ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن گناهہ ڪيا آهن، جنهن ڪري اهي خدا جي جلوي کان محروم آهن.

24 جڏهن تہ خدا پنهنجي فضل واري بخشش سان عيسيٰ مسيح ۾ ڇوٽڪاري سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

25 خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

27 هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي شريعت جي ڪري؟ ڇا عمل واري شريعت جي ڪري؟ نہ، رڳو ايمان واري شريعت جي ڪري.

28 هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.

29 هاڻ ڇا خدا رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.

30 جيئن تہ خدا هڪڙو ئي آهي، سو هو طهريلن توڙي اڻ‌طهريلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني ايمان آڻڻ سان.

31 پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان شريعت کي قائم ٿا ڪريون.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan