رومين 15 - Muslim Sindhi Bible1 انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو ايمان مضبوط آهي سي ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن. 2 اسان مان هر هڪ کي پنهنجي همايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي. 3 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي نہ گذاري، جيئن پاڪ ڪلام ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ 4 جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي. 5 سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ خدا شل اوهان کي هيءَ توفيق ڏئي جو اوهين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، 6 انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي. غير قومن لاءِ اميد 7 تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ٿئي. 8 چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو خدمتگار انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي واعدا خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري خدا کي سچو ثابت ڪري 9 ۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ خدا جي رحم جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“ 10 پاڪ ڪلام ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ ”اي غير قومون! خدا جي قوم سان گڏجي خوشي ڪريو.“ 11 پاڪ ڪلام ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ ”اي غير قومون! اوهين سڀيئي خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي قومون! اوهين سندس ساراهہ ڪريو.“ 12 وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“ 13 هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي. خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پولس جو فخر 14 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15 تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا مون تي اهو فضل ڪيو آهي تہ 16 آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. 17 تنهنڪري آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. 18 سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي خدا جو تابعدار ڪرڻ لاءِ منهنجي قول ۽ فعل جي وسيلي ڪيا. 19 اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي. 20 منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، 21 بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ ”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي، تن جون بند اکيون کلي وينديون، ۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“ پولس جو روم وڃڻ جو ارادو 22 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. 23 پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي خدمت پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان، 24 سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو. 25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ خدمت ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، 26 ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين. 27 انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي روحاني برڪتون يروشلم جي ايمان وارن کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن. 28 جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس. 29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت اسان تي نازل ٿيندي. 30 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو خداوند آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل وَ جان سان خدا کان منهنجي لاءِ دعا گھرو 31 تہ خدا مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير ايمان وارن کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ منهنجي خدمت قبول پوي. 32 پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان. 33 سلامتي بخشيندڙ خدا شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society