Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 11 - Muslim Sindhi Bible


(بني اسرائيل جو چونڊيل هجڻ قائم آهي)

1 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنهنجيءَ قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابراهيم جي نسل ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.

2 خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ

3 ”اي خداوند! هنن تنهنجين قربان‌گاهن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي نبين کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“

4 پر خدا کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سجدو نہ ڪيو آهي.“

5 ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي خدا پنهنجي فضل سان چونڊيو آهي.

6 جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.

7 انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،

8 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“

9 اهڙيءَ طرح دائود چوي ٿو تہ ”شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي، ۽ اهو ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين!

10 شل انهن جون اکيون انڌيون ٿين، تہ جيئن هو ڏسي نہ سگھن، ۽ سندن پٺيون تڪليفن سان هميشہ لاءِ جھڪي پون.“

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي.

12 هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو ڇوٽڪاري کي قبول نہ ڪرڻ دنيا جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ ايمان وارن جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ خدا جي ڪيڏي نہ وڌيڪ رحمت ٿيندي.


(اصلي ۽ جھنگلي ٽارين جو مثال)

13 اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن رسول ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي،

14 انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.

15 جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟

16 ابراهيم خدا جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس نسل بہ چونڊيل آهي. هائو، خدا کي ڏنل نذراني جو پهريون چاڻو پاڪ قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پاڪ ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.

17 سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.

18 تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.

19 شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“

20 ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي ايمان نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي ايمان آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.

21 هاڻ جڏهن خدا بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟

22 سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن ايمان نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.

24 اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا.


(خدا جي رحمت سڀني تي)

25 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو راز آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو راز هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين خدا ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.

26 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.

27 پوءِ جڏهن آءٌ خداوند هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو اهو عهد پورو ٿيندو.“

28 خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل خدا جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ خدا سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي خدا جا پيارا آهن،

29 ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل نعمتن کان ڦري نہ ٿو.

30 ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ خدا جا نافرمان هئا، پر هاڻي خدا بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي رحم ڪيو آهي.

31 اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪو رحم ٿيو آهي سو انهن تي بہ ٿئي.

32 مطلب تہ خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي رحم ڪري.


خدا جي واکاڻ

33 واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

34 اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”خداوند جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟

35 ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي، جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“

36 بيشڪ سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل خدا جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan