مڪاشفو 4 - Muslim Sindhi Bibleعرش تي عبادت 1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ۾ هڪڙو کُليل دروازو آهي! ان وقت اهو توتاري جهڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو هو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”هيڏانهن مٿي اچ تہ آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيکاريان، جيڪو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي.“ 2 تڏهن هڪدم آءٌ پاڪ روح جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ عرش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي! 3 جيڪو انهيءَ تي ويٺو هو، سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو چمڪندڙ نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي روشن هئي. 4 انهيءَ تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت ٻيا بہ هئا ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا. 5 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن. 6 تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون. 7 پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو. 8 انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، خداوند قادرِمطلق خدا، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“ 9 جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو، 10 تڏهن اهي چوويهہ بزرگ منهن ڀر ڪري انهيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهي ٿو. اهي سجدو ڪندي پنهنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکي چون ٿا تہ 11 ”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society