مڪاشفو 22 - Muslim Sindhi Bibleآبِحيات 1 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي آبِحيات جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري 2 انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي زندگي ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀني قومن کي شفا ٿي ملي. 3 انهيءَ شهر ۾ خدا جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي خدا ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ خدا جا ٻانها خدا جي عبادت ڪندا. 4 اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو. 5 اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا. عيسيٰ مسيح جو ٻيهر اچڻ 6 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ خداوند خدا، جيڪو پنهنجي پيغام ڏيندڙن تي پنهنجو روح نازل ڪري ٿو، تنهن پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. 7 جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مطابق زندگي گذاري ٿو. 8 آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون. 9 پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين پيغام ڏيندڙن وانگر ۽ هن ڪتاب جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان.“ 10 پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڳجھو نہ رک، ڇاڪاڻ تہ وقت ويجھو آهي. 11 جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو ناپاڪ آهي سو ڀلي ناپاڪ پيو رهي، جيڪو نيڪ آهي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ پيو رهي.“ 12 جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو اجر مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان. 13 آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي ازلي ۽ ابدي آهيان.“ 14 سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي زندگي ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا. 15 پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتپرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا. 16 خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”مون عيسيٰ پنهنجو ملائڪ انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو ڪليسيائن کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“ 17 پاڪ روح ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ ”اي خداوند عيسيٰ! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو آبِحيات مفت پيئي. 18 آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو. 19 جيڪڏهن ڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ خدا زندگي ڏيندڙ وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. 20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ. 21 شل خداوند عيسيٰ جو فضل سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن تي ٿيندو رهي. آمين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society