مڪاشفو 21 - Muslim Sindhi Bibleنئون يروشلم 1 پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو. 2 مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي. 3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو. 4 هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“ 5 پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“ 6 هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِحيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس. 7 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو خدا هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو. 8 پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتپرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“ 9 پوءِ اهي ست ملائڪ جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي زال آهي.“ 10 هو مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين. 11 اُن ۾ خدا جو جلوو هو ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور. 12 شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن ملائڪ بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا. 13 ٽي دروازا اوڀر طرف هئا، ٽي دروازا اتر طرف، ٽي دروازا ڏکڻ طرف ۽ ٽي دروازا اولهہ طرف هئا. 14 انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن رسولن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو. 15 جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي. 16 اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي. 17 ملائڪ شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو. 18 شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو. 19 شهر جي ڪوٽ جا بنيادي پٿر هر قسم جي قيمتي ۽ رنگين هيرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنيادي پٿر زبرجد جو هو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شبچراغ جو، چوٿون زمرد جو، 20 پنجون عقيق جو، ڇهون لعل جو، ستون سونهري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏهون لاجورد جو، يارهون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارهون ياقوت جو هو. 21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي. 22 مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ خداوند قادرِمطلق خدا ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن. 23 انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو جلوو ان کي روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي. 24 انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا بادشاهہ پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا. 25 شهر جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اتي ٿيندي ئي ڪانہ. 26 ماڻهو قومن جي شان وَ شوڪت ۽ عزت وارو سامان انهيءَ ۾ آڻيندا. 27 انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society