Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 2 - Muslim Sindhi Bible


اِفسس واري ڪليسيا ڏانهن پيغام

1 هن مون کي اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ هلي ٿو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ

2 ”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.

3 منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.

4 پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهان مون سان پهريون واري محبت ڇڏي ڏني آهي.

5 سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.

6 پر اوهان ۾ اوهان جي فائدي جي هڪڙي ڳالهہ آهي تہ اوهين نيڪلين جي عملن کان نفرت ڪريو ٿا، جن کان مون کي بہ نفرت آهي.

7 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ زندگي ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو خدا جي باغ، يعني بهشت ۾ آهي.“


سمرنا واري ڪليسيا ڏانهن پيغام

8 هن مون کي سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ

9 ”مون کي اوهان جي ستائجڻ ۽ غريبيءَ جي ڄاڻ آهي، پر حقيقت ۾ اوهين دولتمند آهيو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اهي پاڻ کي يهودي تہ سڏائين ٿا پر آهن ڪين، اهي شيطان جو ٽولو آهن.

10 جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.

11 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“


پرگمن واري ڪليسيا ڏانهن پيغام

12 هن مون کي پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ٻِہ‌منهين تکي تلوار آهي سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ

13 ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين ڪٿي ٿا رهو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آهي. اوهين منهنجي نالي تي قائم آهيو ۽ اوهان انهن ڏينهن ۾ بہ مون تي ايمان رکڻ نہ ڇڏيو، جڏهن منهنجو وفادار شاهد انتپاس اوهان جي شهر ۾ ماريو ويو جتي شيطان رهي ٿو.

14 پر مون کي اوهان کان ڪجھہ شڪايتون آهن تہ اوهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بلعام جي تعليم تي عمل ڪن ٿا، جنهن بلق بادشاهہ کي سيکاريو ٿي تہ بني اسرائيل کي ڪيئن گمراهہ ڪري جو اهي بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائين ۽ زنا ڪن.

15 اهڙيءَ طرح اوهان وٽ نيڪلين جي تعليم تي عمل ڪندڙ ماڻهو بہ آهن، جيڪا بلعام جي تعليم جهڙي آهي.

16 سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.

17 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو. جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


ٿواتيرہ واري ڪليسيا ڏانهن پيغام

18 هن مون کي ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ خدا جو فرزند جنهن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنهن جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ

19 ”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن.

20 پر مون کي اوهان کان اها شڪايت آهي تہ اوهين انهيءَ عورت ايزبل کي پاڻ وٽ برداشت ڪريو ٿا جيڪا پاڻ کي نبياڻي سڏائي ٿي. اها منهنجي ٻانهن کي زنا ڪرڻ ۽ بتن تي قربان ڪيل کاڌو کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.

21 مون انهيءَ عورت کي مهلت ڏني تہ توبهہ‌تائب ٿئي، پر هوءَ پنهنجي انهيءَ زناڪاريءَ کان توبهہ ڪرڻ نہ ٿي چاهي.

22 ڏسو، آءٌ هن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي انهيءَ زناڪاريءَ ۾ ساڻس شريڪ آهن، سي بہ جيڪڏهن سندس ڪمن تي عمل ڪرڻ کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.

23 هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.

24 پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،

25 سواءِ انهيءَ جي تہ جيڪي اوهان کي مليو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو جيستائين آءٌ اچان.

26 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو ۽ منهنجي مرضيءَ موجب توڙ تائين نڀائيندو، تنهن کي آءٌ قومن تي اختيار ڏيندس،

27-28 جيئن مون کي پنهنجي پيءُ کان اختيار مليل آهن. هائو، هو لوهہ جي شاهي لٺ سان انهن تي حڪمراني ڪندو ۽ کين ٺڪر جي ٿانوَن وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. آءٌ اهڙي ماڻهوءَ کي صبح جو چمڪندڙ تارو بہ ڏيندس.

29 جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan