مڪاشفو 12 - Muslim Sindhi Bibleعورت ۽ ازدها 1 پوءِ آسمان ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ عورت نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو. 2 اها عورت پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين. 3 ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا. 4 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي. 5 عورت کي ٻار ڄائو، يعني اهو پٽ جيڪو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪمراني ڪندو. انهيءَ ٻار کي بچائي هڪدم خدا ۽ سندس تخت وٽ آندو ويو. 6 جڏهن تہ عورت پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي خدا هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي. 7 انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا، 8 پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آسمان ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي. 9 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو. 10 پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي. 11 اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو. 12 تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“ 13 سو جڏهن انهيءَ ازدها ڏٺو تہ کيس ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن هو انهيءَ عورت کي ستائڻ لاءِ سندس پٺيان لڳو جنهن کي پٽ ڄائو هو. 14 پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. 15 پوءِ ازدها انهيءَ عورت جي پٺيان پنهنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وهايو تہ جيئن کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. 16 پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو. 17 ازدها کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو عورت جي باقي اولاد، يعني جيڪي خدا جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ عيسيٰ بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو 18 ۽ سمنڊ جي ڪناري تي وڃي بيٺو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society