Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 99 - Muslim Sindhi Bible


خدا، عظيم بادشاهہ

1 خداوند بادشاهہ آهي. هو پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهي، سو سڀيئي قومون ڏڪن ٿيون، هائو، ڌرتيءَ کي ڪنبڻي آهي.

2 خداوند صيئون ۾ عظمت وارو آهي، هو سڀني قومن مٿان بلند وَ بالا آهي.

3 بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. شل سڀيئي قومون سندس عظيم، ۽ هيبتناڪ نالي جي واکاڻ ڪن.

4 اسان جو طاقتور بادشاهہ انصاف کي پسند ڪري ٿو، ۽ سچائيءَ کي سدائين قائم رکي ٿو. هائو، هن بني اسرائيل ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪيو آهي.

5 بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. سو اچو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي ساراهہ ڪريون، ۽ سندس تخت آڏو جھڪي کيس سجدو ڪريون.

6 موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.

7 خداوند ڪڪر جي ٿنڀي منجھان ساڻن ڳالهائيندو هو. هن کين جيڪي قاعدا قانون ڏنا تن تي هنن عمل ڪيو.

8 اي خداوند اسان جا خدا! تو پنهنجي قوم جي ٻڌي آهي. تون اهو خدا آهين جيڪو کين معاف ڪندو رهيو آهين، تنهن هوندي بہ سندن ڪمن جي سزا کين ضرور ڏني اٿيئي.

9 اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan