زبور 98 - Muslim Sindhi Bibleخدا، جهان جو حاڪم (هڪ گيت) 1 اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي. 2 خداوند دنيا جي سڀني قومن تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي تہ هو انصاف ڪرڻ ۽ ڇڏائڻ جي قدرت رکي ٿو. 3 هن بني اسرائيل جي خاطر پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا کي ياد فرمايو آهي. هائو، دنيا جي سڀني ماڻهن ڏٺو آهي تہ اسان جي خدا ڪيئن اسان کي بچايو آهي. 4 اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خداوند لاءِ خوشيءَ مان نعرا هڻو. جوش وَ جذبي سان خوشيءَ جا گيت ڳائي واکاڻ ڪريو. 5 اوهين دنبورا وڄائي خداوند جي واکاڻ ڳايو، هائو، دنبورا وڄائي سريلي آواز سان سندس تعريف ڳايو. 6 اوهين شرنايون ۽ نفيلون وڄائي، خداوند بادشاهہ جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻو. 7 اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ خوشيءَ وچان گجگوڙ ڪريو. اي ڌرتي! تون ۽ تو ۾ جيڪا بہ مخلوق آهي، سي سڀ سندس نعرا هڻو. 8 سڀ درياءَ تاڙيون وڄائين، ۽ پهاڙ گڏجي خوشيءَ سان ڳائين، 9 ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تانتہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society