Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 97 - Muslim Sindhi Bible


خدا، حڪمرانِ‌اعليٰ

1 اي سامونڊي علائقن وارؤ! بلڪ سڄي ڌرتيءَ وارؤ! اوهين سڀ خوشيون ملهايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند بادشاهہ آهي.

2 هو گھُگھُہ اونداهي ڪڪر جي پردي وچان سچائيءَ ۽ انصاف سان بادشاهي ڪري ٿو.

3 هن جي اڳيان اڳيان باهہ هلندي ٿي رهي، جيڪا سندس دشمنن کي ساڙي رک ڪريو ٿي ڇڏي.

4 سندس وِڄ ايڏو تہ چمڪاٽ ٿي ڪري، جو انهيءَ کي ڏسي ڌرتي بہ ڏڪيو ٿي وڃي.

5 خداوند جي آڏو پهاڙ بہ ميڻ جيان رجي وڃن ٿا، هائو، انهيءَ ڌڻيءَ جي آڏو جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي.

6 آسمان انهيءَ جي سچائي ظاهر ڪن ٿا، ۽ سڀيئي قومون انهيءَ جو جلال ڏسن ٿيون.

7 تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.

8 اي خداوند! تنهنجي انصاف وارن فيصلن سبب يروشلم وارا سرها ٿين ٿا، بلڪ يهوداہ جا سمورا شهر خوشيون ملهائين ٿا.

9 بيشڪ اي خداوند! تون ئي سڄي جهان جو حڪمرانِ‌اعليٰ آهين. تون سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿاهون آهين.

10 جيڪي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪن ٿا، تن کي خداوند پيار ڪري ٿو. جيڪي سندس نيڪ بندا آهن تن جي هو حفاظت ڪري ٿو، ۽ بڇڙن ماڻهن جي هٿن منجھان کين ڇڏائي ٿو.

11 سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون.

12 سو اي سچارؤ! خداوند جي ڪري اوهين خوشي ڪريو. اوهين پاڪ خدا جو شڪرانو بجا آڻيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan