Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 96 - Muslim Sindhi Bible


ڪائنات جي بادشاهہ جي واکاڻ
( 1.تواريخ 16‏:23‏-33 )

1 اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو. اوهين خداوند جي واکاڻ جو هڪ نئون گيت ڳايو.

2 خداوند جي نالي جي واکاڻ ڳايو، اوهين روزانو سندس بچائڻ واري ڪم جو بيان ڪندا رهو.

3 اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو،

4 ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.

5 ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بي‌جان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.

6 بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ حسن بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.

7 اي دنيا جون سڀيئي قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين سندس قدرت ۽ عظمت جي واکاڻ ڪريو.

8 اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو.

9 اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو. اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين هن جي آڏو ڏڪندا رهو.

10 اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ”خداوند ئي بادشاهہ آهي.“ هُن ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح قائم ڪيو آهي، جيئن انهيءَ کي ڪو لوڏو نہ اچي. هو سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.

11 ڀلي آسمان خوشيون ڪن ۽ زمين بہ ڀل سرهي ٿئي، ڀلي سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود هر ڪا مخلوق گجگوڙ ڪري.

12 ڀلي ميدان ۽ انهن منجھہ جيڪي بہ آهي، سي سڀ خوشيون ڪن. ڀلي تہ ٻيلن جا سڀيئي وڻ خوشيءَ وچان ڳائيندا رهن.

13 هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan