Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 95 - Muslim Sindhi Bible


اطاعت بنا عبادت ڪهڙي

1 اچو تہ اسين خداوند جا گيت ڳايون. اسين پنهنجي محافظ ۽ بچائيندڙ لاءِ خوشيءَ جا نعرا هڻون.

2 اچو تہ اسين شڪرگذاري ڪندا انهيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائيندي هن جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻون.

3 خداوند ئي عظيم خدا آهي. هو ئي سڀني معبودن جي مٿان عظيم بادشاهہ آهي.

4 ڌرتيءَ جي هيٺاهين کان وٺي جبلن جي اوچين چوٽين تائين، سڀ ڪجھہ انهيءَ جي هٿ ۾ آهي.

5 سمنڊ بہ هن جا ئي آهن، ڇوجو هن ئي انهن کي جوڙيو آهي. خشڪي بہ هن جي ئي آهي، جنهن کي هن پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آهي.

6 اچو تہ اسين جھڪي انهيءَ کي سجدو ڪريون، ۽ پنهنجي خالق خداوند جي آڏو گوڏا کوڙيون.

7 هو ئي تہ اسان جو خدا آهي. اسين سندس رڍن جي ڌڻ مثل آهيون، جن جي هو پنهنجي چراگاهہ ۾ سار سنڀال لهي ٿو. هاڻي اڄوڪي ڏينهن اوهين پنهنجو ڪن ڏيئي خدا جو هي پيغام ٻڌو تہ

8 ”اوهين ضد نہ ڪريو، جيئن اوهان جي وڏن مريباہ ۾ ڪيو هو، ۽ جيئن مساہ نالي جاءِ تي هنن بيابان ۾ ڪيو هو.

9 هائو، اتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو هو. جڏهن تہ هنن منهنجا عجيب ڪم ڏٺا هئا، پر پوءِ بہ منهنجو امتحان ورتائون.

10 آءٌ چاليهن سالن تائين ان پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، ۽ چيو هئم تہ ’هي اهڙا ماڻهو آهن جن جون دليون گمراهہ آهن، ۽ جيڪي منهنجي راهن تي هلڻ کان انڪاري آهن.‘

11 سو مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ لاءِ قسم کنيو هو تہ ’هي انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan