Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 94 - Muslim Sindhi Bible


خدا، سڀني جو انصاف ڪندڙ

1 اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.

2 اُٿ اي خدا! تون جيڪو سڄي جهان جو انصاف ٿو ڪرين، سو مغرورن کي ڪا جوڳي سزا ڏي.

3 اي خداوند! اهي بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو، ڪيستائين اهي بڇڙا ماڻهو پاڻ کي پڏائيندا رهندا؟

4 ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟

5 اي خداوند! اهي تنهنجي قوم کي پيڙيندا ٿا رهن. هائو، اهي تنهنجي انهن چونڊيلن کي ستائيندا ٿا وتن.

6 اهي رنن‌زالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.

7 هو اسان جي ڏاڏي يعقوب جي خدا بابت هيئن ٿا چون تہ ”خداوند اسان کي ڪين ٿو ڏسي، نڪي اهو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا ٿا ڪريون.“

8 اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بي‌وقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟

9 جنهن خود ڪن جوڙيو آهي، ڇا اهو ٻڌي ڪين سگھندو؟ جنهن خود اک جوڙي آهي، ڇا اهو ڏسي ڪين سگھندو؟

10 هو جيڪو قومن کي سيکت ٿو ڏئي، ڇا اهو اوهان بدڪارن کي سزا ڪين ڏيندو؟ هو جيڪو انسان کي علم ٿو سيکاري، ڇا اهو پاڻ ڪجھہ ڪين ٿو ڄاڻي؟

11 بيشڪ خداوند انسان جي سوچن کي ڄاڻي ٿو. هائو، خداوند ڄاڻي ٿو تہ انسان جو هر خيال اجايو آهي.

12 اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.

13 بدڪار ماڻهو جڏهن انهن لاءِ مصيبتون پيدا ڪن ٿا، تڏهن تون کين آرام ٿو بخشين ۽ بدڪارن کي قبر داخل ٿو ڪرين.

14 اي خداوند! تون پنهنجي قوم کي اڪيلو نہ ڇڏيندين، هائو، تون پنهنجي انهن چونڊيلن کي رد نہ ڪندين.

15 بيشڪ بي‌انصافي ختم ٿيندي ۽ انصاف سچارن جي هٿ ايندو. پوءِ سڀيئي سچيءَ دل وارا انصاف جي پيروي ڪرڻ لڳندا.

16 ڪنهن وقت منهنجي مدد ڪرڻ واسطي انهن بدڪارن سان منهن ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.

17 جيڪڏهن خداوند منهنجو مددگار نہ ٿئي ها، تہ جيڪر آءٌ مئلن جي جهان ۾ وڃي پوان ها.

18 جڏهن بہ مون محسوس ٿي ڪيو تہ منهنجو پير ترڪندو ٿو وڃي، تڏهن خداوند جي دائمي شفقت مون کي سنڀالي ٿي ورتو.

19 جڏهن بہ منهنجيءَ دل ۾ گھڻا فڪر اچي گڏ ٿي ٿيا، تڏهن خداوند جي تسلين مون کي سرهو ٿي ڪيو.

20 اهي بي‌انصاف جج، جيڪي قاعدن قانونن جي اوٽ ۾ ناانصافي ٿا ڪن، تن سان خداوند جو ڪوبہ واسطو ڪونهي.

21 اهي سچارن جي جان وٺڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا، ۽ انهن بي‌گناهہ ماڻهن تي قتل جي فتويٰ ڏين ٿا.

22 پر خداوند منهنجو پختو قلعو بڻيو آهي. هائو، منهنجو خدا منهنجي پناهہ وارو ٽڪر آهي.

23 هو انهن کي سندن بدڪارين جو بدلو ضرور ڏيندو، هائو، هو انهن کي سندن بڇڙائيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا انهن کي فنا ڪري ڇڏيندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan