Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 92 - Muslim Sindhi Bible


واکاڻ جو گيت
( سبت جي ڏينهن لاءِ زبور)

1 تو خداوند جو شڪر ادا ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي! اي خدا تعاليٰ! تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!

2 بيشڪ صبح جي وقت تي تنهنجي دائمي شفقت جو ذڪر ڪرڻ، ۽ رات جي وقت تي تنهنجي وفا جو بيان ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي.

3 ڏهن تارن واري ساز سان توڙي سارنگيءَ ۽ دنبوري جي مٺي آواز سان تنهنجي شفقت جي واکاڻ ڳائڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!

4 ڇوجو اي خداوند! تو پنهنجي ڪمن سان مون کي ڏاڍو خوش ڪيو آهي. هائو، تنهنجي قدرت وارن ڪمن سبب آءٌ سرهائيءَ مان ڳايان ٿو.

5 اي خداوند! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! ۽ تنهنجا خيال انساني سوچ کان ڪيڏا نہ بلند آهن!

6 هڪڙي ڳالهہ آهي جيڪا بي‌وقوف ماڻهو نہ ٿا ڄاڻن، هائو، جاهل ماڻهو هيءَ ڳالهہ سمجھي نہ ٿا سگھن تہ

7 جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.

8 اي خداوند! رڳو تون ئي، هائو، رڳو تون ئي هميشہ لاءِ سربلند آهين.

9 جڏهن تہ اي خداوند! تنهنجا بدڪار دشمن ڪڻو ڪڻو ڪيا ويندا، بلڪ انهن سڀني کي برباد ڪيو ويندو.

10 پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.

11 منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.

12 سچار ماڻهو کجيءَ جي وڻ جيان ڦلدار آهن. اهي لبنان واري ديال جي وڻ جيان پيا وڌندا ۽ مضبوط ٿيندا.

13 اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.

14 اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.

15 جنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ خداوند ڪيڏو نہ سچار آهي، هائو، منهنجي انهيءَ محافظ ۾ ڪابہ خامي ڪانهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan