زبور 91 - Muslim Sindhi Bibleخدا اسان جو محافظ 1 اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو، 2 خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“ 3 انهيءَ سبب جو اوهان کي ماريءَ جي ڦندي کان هو ئي ڇڏائيندو. هائو، اوهان کي موتمار بيماريءَ کان اهو ئي ڇڏائيندو. 4 هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي. 5 پوءِ اوهين نڪي رات جي هيبت کان ڊڄندا، ۽ نہ وري انهن تيرن کان، جيڪي ڏينهن جو هلايا ويندا هجن. 6 اوهين نڪي ان وبا کان ڊڄندا جيڪا اونداهيءَ ۾ اچي پوي ٿي، ۽ نہ وري ان برباديءَ کان جيڪا ڏينهن ڏٺي اچي ڪڙڪي ٿي. 7 پوءِ اوهان جي آڏو هڪ هزار مرن توڙي کڻي ڏهہ هزار، پر تڏهن بہ اوهان کي ڪو ڇيهو ڪونہ رسندو. 8 اوهين رڳو پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسندا. هائو، اوهين ڏسجو تہ بدڪارن کي ڪهڙو بدلو ٿو ملي. 9 اوهان خداوند کي پنهنجي پناهہگاهہ بڻايو آهي، بيشڪ اوهان خدا تعاليٰ کي پنهنجو محافظ بڻايو آهي. 10 سو هاڻي اوهان تي ڪابہ مصيبت ڪانہ ايندي، نڪي وري ڪابہ آفت اوهان جي گھر جي ويجھو ايندي. 11 انهيءَ سبب جو هن اوهان لاءِ پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو آهي، تہ اهي اوهان جي سڀني واٽن ۾ اوهان جي سنڀال ڪندا رهن. 12 اهي پنهنجي هٿن تي کڻي اوهان کي مٿي جھلي وٺندا، تانتہ متان ڪنهن پٿر سان اوهان جي پيرن کي چوٽ لڳي. 13 اوهين ببر شينهن ۽ ڪاريهر نانگ کي بہ پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙي وجھندا. هائو، اوهين جوان شينهن ۽ ازدها کي بہ پائمال ڪري ڇڏيندا. 14 خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا. 15 جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس. 16 آءٌ کين وڏي ڄمار عطا ڪندس، ۽ هو ڏسندا تہ مون کي بچائڻ جي ڪيڏي نہ قدرت آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society