Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 90 - Muslim Sindhi Bible


خدا جي ابديت ۽ انسان جي فنائيت
(خدا جي بندي موسيٰ جي دعا)

1 اي ڌڻي! پيڙهي بہ پيڙهي تون ئي اسان جي پناهہ‌گاهہ رهيو آهين.

2 ان کان اڳ جو جبل پيدا ٿيا، ۽ تو زمين بلڪ سڄي جهان کي جوڙيو، تون ئي ازل کان خدا هئين ۽ ابد تائين رهندين.

3 تون ئي تہ انسان کي وري مٽيءَ ۾ ملائين ٿو، جو حڪم ٿو ڪرينس تہ ”اي بني آدم! تون مٽيءَ ۾ موٽي وڃ.“

4 تو خدا جي نظر ۾ هزار سال بہ ائين آهن، جيئن ڪالهہ جو ڏينهن، يا وري رات جو هڪڙو پهر ئي گذريو هجي.

5-6 تون اسان کي اهڙو غرق ڪري ٿو ڇڏين، ڄڻ تنهنجي نظر ۾ اسين رڳو هڪ خواب مثل آهيون، هائو، ان گاهہ مثل، جيڪو هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃي ٿو. اهو گاهہ صبح جو وڌي وڏو ٿئي ٿو ۽ جھومي ٿو، پر جڏهن شام ٿئي ٿي تڏهن ڪُومائجي سُڪي وڃي ٿو.

7 يقيناً تنهنجي غصي جي ڪري اسين فنا ٿي وڃون ٿا، تنهنجي انهيءَ ڪاوڙ جي ڪري اسين حيران وَ پريشان آهيون.

8 انهيءَ سبب جو تون اسان جي خطائن کي درگذر نہ ٿو ڪرين، بلڪ اسان جي ڳجھن گناهن کي بہ پنهنجي نظر ۾ رکيو اچين.

9 سو تنهنجي غضب جي ڪري اسان جي حياتي گھٽجي ويئي آهي. هائو، اسان جي عمر ايتري وڃي بچي آهي جيئن رڳو آہ ڀرجي.

10 اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.

11 تنهنجي غصي جي شدت کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي، جيستائين تنهنجو واجب خوف نہ ٿو ڪجي.

12 تون اسان کي سيکار تہ اسين پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڏاهپ سان گذاريون.

13 اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.

14 اسان کي هر صبح پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڀرپور ڪر، تان‌تہ اسين پنهنجي سڄي حياتي خوش ۽ سرها گذاريون.

15 جيترا ڏينهن تو اسان کي ڏکن ۾ رکيو آهي، ۽ جيترا سال آفتن ۾ گذريا آهن، اوتري ئي اسان کي خوشي عطا فرماءِ.

16 تون پنهنجي قدرت جا ڪم پنهنجي هنن بندن تي پڌرا ڪر، ۽ پنهنجي عظمت اسان جي اولاد تي ظاهر ڪر.

17 اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan