زبور 9 - Muslim Sindhi Bibleخدا جي انصاف لاءِ سندس شڪرگذاري (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”موت لبين“ سُر تي ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، آءٌ تنهنجا اهي سڀيئي عجيب ڪم بيان ڪندس، جيڪي تو ڪيا آهن. 2 تنهنجي ڪري آءٌ سرهو ٿيندس ۽ خوشيون ملهائيندس، اي خدا تعاليٰ! آءٌ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس. 3 تون جڏهن ظاهر ٿو ٿئين، تہ منهنجا دشمن پٺتي هٽيو ٿا وڃن، تو کي ڏسي هو ڦهڪو ڏيئي ڪرن ٿا ۽ مريو ٿا وڃن. 4 بيشڪ تو تخت تي ويهي صحيح انصاف ڪيو آهي، ۽ حق تي هجڻ واري منهنجي دعويٰ کي تو سچو ثابت ڪيو آهي. 5 تو بتپرست قومن تي فتويٰ جاري ڪئي آهي، ۽ انهن بڇڙن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿيئي، هائو، تو هميشہ لاءِ سندن نالو ئي مِٽائي ڇڏيو آهي. 6 اسان جا سمورا دشمن ختم ٿي ويا آهن، تو کين هميشہ لاءِ فنا ڪري ڇڏيو آهي. سندن جن شهرن کي تو برباد ڪيو آهي، تن جو ذڪر بہ مٽجي ويو آهي. 7 مگر تون خداوند هميشہ جي لاءِ تختنشين آهين، تون پنهنجي تخت کي فيصلي لاءِ قائم وَ دائم رکيو آهي. 8 تون دنيا جي صحيح عدالت ڪندي، سچائيءَ سان سڀني قومن جو انصاف ٿو ڪرين. 9 بيشڪ اي خداوند! تون مظلومن جي جاءِپناهہ آهين. تون ئي مصيبت جي وقت تي سندن محفوظ قلعو آهين. 10 جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين. 11 اي ايمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، جيڪو صيئون منجھہ رهي ٿو. اوهين سڀني قومن کي سندس ڪم بيان ڪري ٻڌايو. 12 خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري. 13 اي خداوند! مون تي رحم ڪر، ۽ دشمنن کان مليل منهنجي ڏک تي نظر ڪر. تون مون کي موت جي دروازن تان اٿاري آڻ، 14 تانتہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان. 15-16 اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن. 17 بيشڪ جيڪي بہ بدڪار آهن، تن جي مقدر ۾ رڳو قبر جي اونداهي لکيل آهي، يعني اهي سڀ قومون جن خداوند کي وساريو آهي. 18 مگر جيڪي محتاج آهن، تن کي هميشہ لاءِ ڪين وساريو ويندو. هائو، غريبن جي اميد کي هميشہ جي لاءِ ڪين ٽوڙيو ويندو. 19 سو اي خداوند! تون اُٿي کڙو ٿيءُ، متان اهي قومون غلبو حاصل ڪري وٺن، بلڪ تون انهن کي پنهنجي عدالت ۾ آڻي بيهار. 20 اي خداوند! تون انهن ۾ پنهنجو خوف وجھي ڇڏ، تانتہ اهي ڄاڻي وٺن تہ هو ڪيڏا نہ فاني آهن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society