زبور 89 - Muslim Sindhi Bibleقومي مشڪلات جي وقت جو گيت (ايتان ازراخيءَ جو زبور) 1 اي خداوند! شل تنهنجي لافاني شفقت جا گيت آءٌ سدائين ڳائيندو رهان. شل پيڙهي بہ پيڙهي آءٌ تنهنجي وفا بيان ڪندو رهان. 2 مون کي يقين آهي تہ تنهنجي شفقت هميشہ قائم رهندي، هائو، آسمان جيان تو پنهنجي وفا کي قائم رکيو آهي. 3 تو خداوند فرمايو آهي تہ ”مون پنهنجي چونڊيل بندي سان عهد ٻڌو آهي، هائو، مون پنهنجي ٻانهي دائود سان قسم کنيو آهي تہ 4 ’تنهنجي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، هائو، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجو تخت قائم رهندو.‘“ 5 اي خداوند! شل آسمانن ۾ تنهنجي معجزن جي تعريف ڪئي وڃي. هائو، شل آسمان وارا تنهنجي وفا جي واکاڻ پيا ڪن. 6 اي خداوند! آسمانن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جنهن جي تو سان ڀيٽ ڪجي، ۽ نہ ئي معبودن جي ٽولي ۾ ڪو تو جهڙو آهي. 7 اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آسپاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين. 8 اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تو جهڙو زورآور ٻيو ڪير آهي؟ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ تون ئي پورو پورو وفادار آهين. 9 گجندڙ سمنڊ تي تنهنجو ئي حڪم هلي ٿو، جڏهن ان جون ڇوليون مٿي چڙهن ٿيون، تڏهن تون ئي انهن کي ماٺو ڪرين ٿو. 10 تو سامونڊي بلا رهب کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو آهي. تو پنهنجو زورآور هٿ کڻي پنهنجي ويرين کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي. 11 بيشڪ آسمان تنهنجا آهن ۽ زمين پڻ تنهنجي ئي آهي، تو ئي جهان ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ڪجھہ آهي تنهن کي جوڙيو آهي. 12 هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا. 13 تنهنجي قدرت تمام مٿاهين آهي. تنهنجو هٿ زورآور آهي ۽ تون طاقت وارو آهين. 14 تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون. 15 سڀاڳي آهي اها قوم، جيڪا خوشيءَ جي نعري سان تنهنجي واکاڻ ڳائي ٿي. اي خداوند! اسين تنهنجي مهربانين سان زندگي گذاريون ٿا. 16 اسين تنهنجي نالي جي ڪري سڄو ڏينهن خوشيون ڪيون ٿا، ۽ تنهنجي ڪيل ڀلائيءَ جي ڪري بيحد خوش ٿيون ٿا. 17 انهيءَ سبب جو تون اسان جي طاقت جو شان آهين، تنهنجي مهربانيءَ جي ڪري اسان جي طاقت وڌي ٿي. 18 اي خداوند! تون ئي اسان جي ڍال آهين. اي اسرائيل جا پاڪ معبود! تون ئي اسان جو بادشاهہ آهين. دائود بادشاهہ سان خدا جو واعدو 19 خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي. 20 اهو منهنجو ٻانهو دائود ئي آهي، جنهن کي مون پنهنجي خاص تيل سان مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو آهي. 21 منهنجو هٿ سدائين انهيءَ جي مٿان رهندو، ۽ منهنجي هٿان کيس طاقت پيئي ملندي. 22 سندس ڪوبہ دشمن کيس شڪست ڏيئي نہ سگھندو، ۽ نہ وري ڪو بڇڙو ماڻهو انهيءَ کي آزاري سگھندو. 23 بلڪ آءٌ سندس دشمنن کي سندس روبرو چيڀاٽي ڇڏيندس. هائو، جيڪي ساڻس عداوت ٿا رکن تن کي آءٌ ماري وجھندس. 24 مون خدا جي وفا ۽ شفقت هميشہ انهيءَ ساڻ رهندي، هائو، منهنجي قدرت جي وسيلي هن جو ڳاٽ مٿاهون رهندو. 25 آءٌ هن جي بادشاهت کي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ کان اوڀر ۾ فرات نديءَ تائين وڌائي ڇڏيندس. 26 دائود مون کي پڪاري چوندو تہ ’تون منهنجو ابو آهين، تون ئي منهنجو خدا، منهنجو محافظ ۽ بچاءُ آهين.‘ 27 آءٌ انهيءَ کي پنهنجي پهريتي پٽ ٿيڻ جو حق ڏيئي کيس دنيا جي سڀني بادشاهن کان عظيم بادشاهہ بڻائيندس. 28 آءٌ ابد تائين انهيءَ تي پنهنجي شفقت قائم رکندس، ۽ منهنجو عهد انهيءَ سان بيحد مضبوط رهندو. 29 انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو. 30 پر جيڪڏهن سندس اولاد منهنجي شريعت کي ڇڏي ڏيندو، جيڪڏهن اهي منهنجي قاعدن تي نہ هلندا، 31 يا منهنجي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪندا، 32 تہ پوءِ آءٌ سندن ڏوهن جي سزا کين لٺ سان ڏيندس. هائو، آءٌ سندن گناهن جي سزا کين چهبڪن سان ڏيندس. 33 تڏهن بہ آءٌ دائود تي ڪيل پنهنجي شفقت سندس اولاد تان ڪين هٽائيندس. هائو، آءٌ پنهنجي وفا کي باطل ٿيڻ ڪين ڏيندس. 34 آءٌ دائود سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس. هائو، پنهنجي ڪيل واعدن مان آءٌ هڪڙي تان بہ نہ ڦرندس. 35 مون پهريون ۽ آخري دفعو پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي ۽ دائود سان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندس تہ 36 انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو نہ ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين سج قائم آهي، تيستائين آءٌ سندس تخت قائم رکندس. 37 هائو، جيستائين آسمان ۾ چنڊ قائم آهي، تيستائين سندس بادشاهت قائم وَ دائم رهندي.“ بادشاهہ جي شڪست تي افسوس ڪرڻ 38 پر اي خداوند! ڏس، هاڻي تون پنهنجي مسح ڪيل تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهين. تو پنهنجي انهيءَ مخصوص ڪيل بادشاهہ کي رد ڪيو آهي، ۽ کيس ڇڏي ڏنو اٿيئي. 39 تو پنهنجي ٻانهي سان ٻڌل عهد کي منسوخ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي تاج کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي. 40 تو هن جي شهر جون ڀتيون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيون آهن، ۽ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿيئي. 41 رستي کان لنگھندڙ سڀيئي تنهنجي انهيءَ چونڊيل کي پيا لٽين ڦرين ٿا. سندس آسپاس جي قومن وارا مٿس طعنا هڻن ٿا. 42 تو ئي سندس مخالفن کي انهيءَ تي فاتح بڻايو آهي. ائين ڪري تو سندس سڀني ويرين کي خوش ڪيو آهي. 43 تو هن جي تلوار جي ڌار کي موڙي ڇڏيو آهي، ۽ جنگ جي وقت سندس پيرن کي ڄمڻ ڪين ڏنو اٿيئي. 44 تو هن جي شاهي شان کي مِٽائي ڇڏيو آهي، ۽ سندس تخت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي. 45 تو کيس جوانيءَ ۾ ئي پوڙهو بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ خواريءَ سان کيس ڍڪي ڇڏيو اٿيئي. پنهنجي بچاءَ لاءِ بادشاهہ جي دعا 46 اي خداوند! ڪيستائين، ڇا ابد تائين منهن موڙي ڇڏيندين؟ تون ڪيستائين پنهنجي غضب کي باهہ جيان ڀڙڪائيندو رهندين؟ 47 اي خداوند! ڏس، منهنجي زندگي ڪيتري نہ ٿوري آهي! ڏس، تو بني آدم کي ڪيڏو نہ فاني بڻايو آهي! 48 ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جيڪو موت نہ ڏسندو ۽ پيو جيئندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو قبر کان پنهنجي جان بچائي سگھندو؟ 49 اي پروردگار! تنهنجي اها شفقت ڪٿي آهي، جيڪا پهريائين هئي؟ جنهن بابت تو دائود سان پنهنجي وفا جو قسم کنيو هو. 50 اي منهنجا رب! پنهنجي هن بندي کي ياد ڪر، جنهن جي بدنامي پئي ٿئي. هائو، آءٌ سڀني غير قومن جا طعنا پنهنجي سيني تي پيو سهان. 51 اي خداوند! ڏس، تنهنجا دشمن ڪيئن نہ قدم قدم تي، تنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل هن بادشاهہ کي طعنا هڻن ٿا. 52 شال سدائين خداوند جي واکاڻ هجي. آمين، ثم آمين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society