Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 88 - Muslim Sindhi Bible


موت جي ڊپ کان دعا
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي گيت ”محلت لعنوت“ جي سُر تي ڳايو وڃي. بني قورح جي زبورن ۾ شامل، هيما ازراخيءَ جو زبور)

1 اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.

2 منهنجي دعا کي تون پنهنجي حضور ۾ پهچڻ ڏي، هائو، منهنجي انهن دانهن تي تون پنهنجو ڪن ڏي.

3 انهيءَ سبب جو منهنجي جان ڏکن سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ منهنجي حياتي قبر کي ويجھو پوندي ٿي وڃي.

4 مون کي مئل ماڻهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، آءٌ بلڪل ئي بي‌وس ٿي پيو آهيان.

5 آءٌ ڄڻ تہ مئلن جي وچ ۾ ڇڏيو ويو آهيان، جن کي ماري قبر ۾ وڌو هجين، هائو، جيڪي تنهنجي سنڀال ۾ نہ آهن، ۽ جن کي تو وساري ڇڏيو آهي.

6 تو مون کي پاتال جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هائو، تو مون کي اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وجھي ڇڏيو آهي.

7 تنهنجو غضب مون تي ڏاڍو ڀاري آهي، مون کي تنهنجي غصي وارين ڇولين ٻوڙي ڇڏيو آهي.

8 تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان.

9 ڏکن جي ڪري منهنجي اکين ۾ ڌنڌ ايندو ٿو وڃي. اي خداوند! هر روز آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگھيري تو کي پڪاريندو ٿو رهان.

10 ڀلا مئل ماڻهن کي تون پنهنجا معجزا ڏيکاريندين ڇا؟ يا اهي مُڙدا جيئرا ٿي تنهنجي واکاڻ ڪندا ڇا؟

11 ڀلا قبر وارا تنهنجي دائمي شفقت بيان ڪندا ڇا؟ يا وري قبر ۾ ڪو تنهنجي وفا جو ذڪر ٿيندو ڇا؟

12 ڀلا اونداهيءَ ۾ تنهنجا معجزا پڌرا ٿيندا ڇا؟ يا ويسر واري جهان ۾ رهندي تنهنجي ڀلائي ياد رهندي ڇا؟

13 پر اي خداوند! آءٌ تو کي مدد جي لاءِ پيو پڪاريان ٿو، هر صبح منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي ٿي.

14 اي خداوند! ڪهڙي سبب مون کي رد ٿو ڪرين؟ ڇو تون مون کان پنهنجو منهن ٿو موڙين؟

15 ننڍپڻ کان ئي آءٌ ڏکي آهيان، ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي رهيو آهيان. آءٌ تنهنجي ڊپ وچان حيران وَ پريشان آهيان.

16 تنهنجو سخت غضب مون تي اچي ڪڙڪيو آهي. تنهنجي دهشتناڪ حملن مون کي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي.

17 اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ جيان گھيري ۾ رکن ٿا، ۽ هر پاسي کان مون کي وڪوڙي ويا آهن.

18 تنهنجي هن مصيبت ڏيڻ جي ڪري منهنجا ساٿي ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، هاڻ تہ اونداهي ئي منهنجي ساٿي ۽ رفيق آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan