Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 87 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم جو شان
(بني قورح جي زبورن ۾ شامل، هڪ گيت)

1 خداوند پنهنجو شهر پاڪ جبل صيئون تي اَڏايو آهي.

2 بني اسرائيل جي سڀني رهڻ وارين جاين کان خداوند کي يروشلم جو شهر وڌيڪ پيارو آهي.

3 اي خدا جا شهر! ڏس، تنهنجي باري ۾ ڪيڏيون نہ چڱيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.

4 خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي قومون منهنجي فرمانبرداري ٿيون ڪن، پوءِ اهي مصر ملڪ واريون هجن يا بابل شهر واريون، توڙي فلستين، صور ۽ سوڊان واريون هجن، تن سڀني کي آءٌ يروشلم جي رهاڪن ۾ شمار ڪندس.“

5 بيشڪ خدا تعاليٰ صيئون جي شهر کي اهڙو قائم ڪيو آهي، جو هر قوم چوندي تہ ”اسين بہ هن ئي شهر جا آهيون.“

6 سو جڏهن خداوند قومن کي پنهنجا ماڻهو ڪري شمار ڪندو، تڏهن هو لسٽ ۾ هر ڪنهن جي رهائش بابت هيئن لکندو تہ ”هي ماڻهو يروشلم جو آهي.“

7 بيشڪ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نچندي هيئن ڳائيندا تہ ”اي يروشلم! اسان جي هر برڪت جو سرچشمو تون ئي آهين.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan