Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 86 - Muslim Sindhi Bible


مصيبت وقت مدد لاءِ دعا
(دائود جي زبورن ۾ شامل، هڪ دعا)

1 اي خداوند! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ منهنجو عرض اگھاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ مسڪين ۽ محتاج آهيان.

2 تون منهنجيءَ جان جي حفاظت ڪر، ڇوجو آءٌ تنهنجو نيڪ بندو آهيان. تون پنهنجي هن ٻانهي کي بچاءِ، جنهن جي توڪل تو تي ئي آهي.

3 تون ئي منهنجو خدا آهين. اي ڌڻي! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ سڄو ڏينهن تو کي پڪاريندو ٿو رهان.

4 اي پروردگار! پنهنجي هن ٻانهي کي خوشي عطا ڪر، آءٌ پنهنجي بچاءَ لاءِ التجائون تو آڏو ئي ٿو رکان.

5 هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.

6 اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، تون منهنجيءَ منٿ تي پنهنجو ڪن ڏي.

7 آءٌ پنهنجي مصيبت جي ڏينهنِ ۾ تو کي پڪاريندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پڪار ٻڌندو آهين.

8 اي منهنجا رب! معبودن ۾ ڪوبہ تو جهڙو نہ آهي، ۽ نہ وري تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.

9 اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.

10 بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.

11 اي خداوند! مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار تہ آءٌ ان تي وفاداريءَ سان هلان. مون کي اهڙي دل عطا ڪر جيڪا رڳو تو لاءِ وقف هجي، ۽ جيڪا تنهنجو ئي خوف ڪندي رهي.

12 اي خداوند! اي منهنجا خدا! آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين تعريف ڪندو رهندس.

13 مون تي تنهنجي ايڏي تہ دائمي شفقت آهي، جو تو مون کي موت جي منهن مان ڇڏايو آهي.

14 اي خدا! مغرور ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. ظالمن جو ٽولو منهنجيءَ جان جي پٺيان پيو آهي. اهي اهڙا آهن جو تنهنجو ڪو لحاظ نہ ٿا رکن.

15 جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،

16 سو مون ڏانهن ڦِري مون تي رحم جي نگاهہ ڪر. پنهنجي هن ٻانهي کي پنهنجي طاقت عطا ڪر، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي هن ٻار کي بچاءِ.

17 اي خداوند! تون مون کي پنهنجي ڪرم جي نشاني ڏيکار، تان‌تہ مون کان نفرت ڪرڻ وارا اهو ڏسي خوار خراب ٿين، هائو، جڏهن تون منهنجي مدد ڪندين ۽ مون کي آٿت ڏيندين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan