زبور 85 - Muslim Sindhi Bibleقوم جي ڀلائيءَ لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ، بني قورح جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند! تون اڳي پنهنجي ملڪ تي مهربان رهيو آهين. هائو، تو بني اسرائيل کي خوشحالي موٽائي ڏني هئي. 2 تو پنهنجي قوم جي خطا بخشي ڇڏي هئي. تو انهن جا سڀيئي گناهہ معاف ڪري ڇڏيا هئا. 3 تو انهن تان پنهنجي سخت غضب کي کڻي ورتو هو. تو کي مٿن جيڪا سخت ڪاوڙ هئي، سا تو انهن تان ٽاري ڇڏي هئي. 4 اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ. 5 ڇا تون هميشہ تائين اسان سان ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجو غصو پيڙهي بہ پيڙهي جاري رهندو؟ 6 ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تانتہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري. 7 اي خداوند! تون هاڻ پنهنجي دائمي شفقت ڏيکار، ۽ اسان جي مدد ڪري اسان کي بچاءِ. 8 خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بيوقوفيءَ جو رستو نہ وٺون. 9 يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تانتہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي. 10 هاڻ دائمي شفقت ۽ وفاداري ٻيئي اچي گڏبيون. هاڻ سچائي ۽ سلامتي ٻيئي ڀاڪر پائي ملنديون. 11 هائو، انسان جي وفاداري ڌرتيءَ مان مٿي وڌي هلندي، ۽ خدا جي سچائي آسمان مان مٿن نظر ڪندي. 12 خداوند ئي اسان کي چڱيون شيون عطا ڪندو، ۽ اسان جون ٻنيون جھجھو فصل اُپائينديون. 13 اي خداوند! ڌرتيءَ تي تون پنهنجي لاءِ سچائيءَ واري راهہ تيار ڪندين، هائو، اهڙي راهہ جيڪا تنهنجي لائق هوندي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society