Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 84 - Muslim Sindhi Bible


مقدس هيڪل جي اُڪير
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”گتيت“ جي سُر تي ڳايو وڃي. بني قورح جي زبورن ۾ شامل)

1 اي قادرِمطلق خداوند! تنهنجو گھر ڪيڏو نہ دلڪش آهي!

2 آءٌ تو خداوند جي بارگاهہ جي لاءِ سِڪان ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ لاءِ آسائتو ٿو رهان. سو آءٌ خوشيءَ وچان تو جيئري خدا جي واکاڻ جا گيت ٿو ڳايان.

3 اي قادرِمطلق خداوند! اي منهنجا بادشاهہ ۽ منهنجا خدا! جھرڪيءَ بہ اچي تنهنجي قربان‌گاهہ وٽ پنهنجو گھر جوڙيو آهي. ابابيل بہ اچي اتي آکيرو جوڙي پنهنجي ٻچن کي رهايو آهي.

4 بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ رهن ٿا، اهي هميشہ تنهنجي واکاڻ پيا ڳائيندا رهن ٿا.

5 سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي طاقت لاءِ تو تي ٿا ڀاڙين، ۽ جن جي دل ۾ صيئون جبل جا شاهي رستا آهن.

6 اهي زيارتي جڏهن ماتم نالي خشڪ واديءَ ۾ پهچن ٿا تہ انهيءَ مان بہ چشما وهي نڪرن ٿا، بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀري ٿو ڇڏي.

7 هلندي هلندي سندن طاقت جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي ٿي. بيشڪ اهي صيئون ۾ پهچي تو معبودن جي معبود جو ديدار ڪندا.

8 اي خداوند قادرِمطلق خدا! منهنجي هيءَ دعا ٻڌ. اي خداوند، يعقوب جا خدا! تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي.

9 اي خدا! تون اسان جي محافظ بادشاهہ تي پنهنجي نظر ڪر. جنهن کي تو مسح ڪري مخصوص ڪيو آهي تنهن تي مِهر جي نظر ڪر.

10 يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.

11 انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.

12 اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan