زبور 82 - Muslim Sindhi Bibleخدا حاڪمِاعليٰ (آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو. 2 خدا کين چوي ٿو تہ ”اوهين ڪيستائين بيانصافي ڪندا رهندءُ؟ ڪيستائين بڇڙن جي طرفداري پيا ڪندا رهندءُ؟ 3 اوهين غريبن ۽ يتيمن سان انصاف ڪريو، ڏکويلن ۽ لاچارن کي اوهين سندن حق ڏياريو. 4 اوهين مسڪينن ۽ محتاجن کي بچائي وٺو، ۽ بدڪارن جي هٿن مان کين آزاد ڪرايو. 5 اوهين نڪي ڪجھہ ڄاڻو ٿا ۽ نہ وري سمجھو ٿا، بلڪ اونداهيءَ ۾ پيا ڀٽڪو ٿا. تنهنڪري ڌرتيءَ تان انصاف ختم ٿي ويو آهي. 6 آءٌ مڃان ٿو تہ اوهين قومن جا معبود آهيو، بلڪ آءٌ خدا تعاليٰ اوهان سڀني کي پنهنجا فرزند ٿو سڏيان. 7 تنهن هوندي بہ اوهين عام ماڻهن وانگر مرندا رهندءُ، ۽ هر دنياوي حاڪم وانگر ڪرندا رهندءُ.“ 8 اُٿ اي خدا! تون دنيا جي عدالت ڪر، ڇاڪاڻ تہ سڀني قومن جو تون ئي مالڪ آهين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society