زبور 81 - Muslim Sindhi Bibleتنبن واري عيد جو گيت (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”گتيت“ سُر تي ڳايو وڃي. آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 خدا جيڪو اسان جي طاقت آهي، تنهن جي حضور ۾ ڏاڍيان ڳايو. اوهين يعقوب جي خدا جي حضور ۾ خوشيءَ جا نعرو هڻو. 2 اوهين گيت ڳائڻ شروع ڪريو، ۽ خوشيءَ مان دڦ وڄايو، ۽ مٺڙي آواز وارا دنبورا ۽ سارنگيون وڄايو. 3 اوهين نئين چنڊ نڪرڻ تي ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ تي، يعني پنهنجن وڏن ڏينهن جي شروعات تي نفيلون وڄايو. 4 اهو ئي بني اسرائيل لاءِ قاعدو قانون آهي. هائو، يعقوب جي خدا جو اهو ئي حڪم آهي. 5 خدا اهو ئي بني اسرائيل کي فرمايو هو، جڏهن مصر جي ملڪ تي آفتون نازل ڪيون هئائين. مون هڪڙو اهڙو آواز ٻڌو، جيڪو مون کي اڳ ٻڌڻ ۾ نہ آيو هو ۽ ان چيو تہ 6 ”اي بني اسرائيل! اوهان جي ڪُلهن تي جيڪو بار هو سو مون لاهي ڇڏيو، مون اوهان جي هٿن کي هاڻي تغارين ڍوئڻ کان ڇڏائي ڇڏيو. 7 اوهان مون کي مصيبت ۾ پڪاريو، ۽ مون خدا اوهان کي ڇڏائي ورتو. مون گجگوڙ واري لڪل پردي مان اوهان کي جواب ڏنو، پوءِ مون مريباہ جي چشمن وٽ اوهان کي آزمايو. 8 ٻُڌو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ خداوند اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ٻُڌو. 9 ٻُڌو، اوهان جي وچ ۾ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي، نڪي وري اوهين ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪريو. 10 آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو. اوهين مون کان رڳو گھري ڏسو، آءٌ اوهان کي هر نعمت عطا ڪري ڇڏيندس. 11 پر اي منهنجي قوم وارؤ! اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هائو، اي بني اسرائيل! اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي. 12 تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. 13 ڪاش، اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي ٻڌو. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ئي واٽن تي هلو. 14 پوءِ آءٌ اوهان جي ويرين جي خلاف پنهنجو هٿ کڻان، ۽ اوهان جي دشمنن کي سگھو ئي شڪست ڏيئي ڇڏيان. 15 ائين مون کان نفرت رکندڙ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪن، ۽ سندن سزا هميشہ جي لاءِ قائم رهي. 16 پر اوهان کي آءٌ بهتر ۾ بهتر ڪڻڪ جي ماني کارايان، ۽ هوند اوهان کي ٽڪر واري عمدي ماکيءَ سان ڍءُ ڪرايان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society