زبور 80 - Muslim Sindhi Bibleقوم جي بحاليءَ لاءِ دعا (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”سوسن“ جي سُر تي ڳايو وڃي. آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تختنشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار. 2 هائو، اچ، اسان کي اچي بچاءِ، ۽ اسان افرائيم، بنيامين ۽ منسي قبيلي وارن کي پنهنجي قدرت ڏيکار. 3 اي خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين. 4 اي خداوند قادرِمطلق خدا! تون ڪيستائين پنهنجي قوم جي دعائن کان ناراض رهندين! 5 تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي. 6 آسپاس واريون غير قومون اسان جي زمين لاءِ پاڻ ۾ وڙهن ٿيون. اسان جا دشمن اسان تي کل ۽ چرچو ڪن ٿا. 7 اي قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين. 8 اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو. 9 انهيءَ کي اتي پوکڻ لاءِ تو زمين کي تيار ڪيو هو. سو ان جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي، ۽ اهو سڄي ملڪ تي پکڙجي ويو. 10 جبل پهاڙ بہ ان جي پاڇي ۾ ڍڪجي ويا. ان جون ٽاريون اهڙيون مضبوط هيون، ڄڻ ديال جو مضبوط وڻ هجي. 11 انهيءَ پنهنجي ٽارين کي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، ۽ اوڀر ۾ فرات نديءَ تائين پکيڙي ڇڏيو. 12 پوءِ تو انهيءَ جي چوگرد وارو لوڙهو ڇو ڀڃي ڇڏيو، جو هاڻ اتان لنگھندڙ انهيءَ جو ميوو ڇنن ٿا؟ 13 جھنگلي سوئر اُتي اچيو انهيءَ کي کائي چٽ ڪن ٿا، ۽ جھنگ جا ٻيا جانور بہ اچي انهيءَ کي ڳڙڪائين ٿا. 14 اي قادرِمطلق خدا! اسان کي اچي بچاءِ. اسين تو کي عرض ٿا ڪريون تہ عرش عظيم تان هيٺ نهاري ڏس، ۽ اسين جيڪي انگورن جي ول مثل آهيون، تن تي پنهنجي مهر جي نظر ڪر. 15 هائو، انهيءَ ول تي پنهنجو رحم ڪر، جيڪا تنهنجي زورآور هٿ لڳائي آهي. يعني پنهنجي انهيءَ قوم تي ٻاجھہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجي لاءِ وڌائي مضبوط ڪيو آهي. 16 دشمنن ان ول کي وڍي ڪيرايو آهي ۽ باهہ لڳائي اٿائونس. سو تون انهن ڏانهن قهر جي نظر ڪر ۽ کين فنا ڪري ڇڏ. 17 پر تون اسان تي پنهنجو هٿ رک، جن کي تو چونڊي پنهنجي خاص قوم ڪيو آهي، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم تي جنهن کي تو مضبوط ڪيو آهي. 18 پوءِ اسين تو کان ڪڏهن بہ ڦري نہ وينداسين. تون اسان کي نئين حياتي بخش تہ اسين تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندا رهنداسين. 19 اي خداوند قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society