زبور 8 - Muslim Sindhi Bibleخداوند جي عظمت ۽ انسان جو مرتبو (استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي ”گتيت“ سُر ۾ ڳايو وڃي. دائود جي زبورن ۾ شامل) 1 اي خداوند، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! تو پنهنجي عظمت کي آسمانن کان بہ مٿي قائم ڪيو آهي. 2 تو ئي ننڍڙن ٻارن ۽ کير پياڪن جي واتان، پنهنجي دشمنن آڏو پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي، تانتہ تون پنهنجي دشمنن ۽ مخالفن کي ماٺ ڪرائين. 3 جڏهن آءٌ آسمانن کي ڏسان ٿو، جيڪي تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جڏهن آءٌ چنڊ تارن تي غور ڪريان ٿو، جيڪي تو ئي مقرر ڪيا آهن، 4 تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟ 5 تڏهن بہ تو هن کي پاڻ کان ٿورو گھٽ بڻايو آهي، تو هن کي شان وَ شوڪت جو تاج کڻي پهرايو آهي. 6 تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي. 7 تو رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، بلڪ سڀيئي جھنگلي جانور پڻ هن جي اختيار ۾ ڏنا آهن. 8 ان کان علاوہ پکي ۽ مڇيون، بلڪ جيڪو بہ سمنڊن ۾ چُري ڦِري ٿو، سو سڀ تو هن جي هٿ هيٺ ڪيو آهي. 9 اي خداوند، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society