Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 79 - Muslim Sindhi Bible


قوم جي بچاءَ لاءِ دعا
(آسف جي زبورن ۾ شامل)

1 اي خدا! هي ملڪ جيڪو تنهنجي ملڪيت آهي، تنهن ۾ ڌاريون قومون گھڙي آيون آهن. هنن تنهنجي مقدس هيڪل کي ڊاهي ان جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، ۽ يروشلم شهر کي ڪيرائي کنڊر بڻائي ڇڏيو اٿائون.

2 هنن تنهنجي چونڊيل قوم جو ماس جھنگلي جانورن جي حوالي ڪيو آهي، هائو، هنن تنهنجي نيڪ ٻانهن جا لاش ڳجھن کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن.

3 هنن يروشلم ۾ انهن جو رت پاڻيءَ جيان وهايو آهي، ايتري قدر جو ڪوبہ نہ بچيو آهي جنهن جي هٿان هو دفن ٿين.

4 آس‌پاس جي غير قومن اڳيان اسين طعنن جو نشانو بڻيا آهيون، هائو، هو اسان جو حال ڏسي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.

5 ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟

6 انهن قومن تي پنهنجو قهر نازل ڪر، جيڪي تو کي نہ ٿيون سڃاڻن. هائو، انهن بادشاهتن تي غضب نازل ڪر، جيڪي تنهنجي بندگي نہ ٿيون ڪن.

7 انهيءَ سبب جو هنن اسان بني يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ اسان جي ديس کي ويران ڪري ڇڏيو اٿائون.

8 ابن ڏاڏن جي گناهن جون سزائون تون اسان کي نہ ڏي. شل سگھو تنهنجيون رحمتون نازل ٿين، ڇوجو اسين ڏاڍا دٻجي ويا آهيون.

9 اي اسان کي ڇڏائيندڙ خدا! پنهنجي نالي جي عظمت خاطر اسان جي مدد ڪر، هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب اسان کي ڇڏاءِ ۽ اسان جا گناهہ معاف ڪر.

10 غير قومون ڇو اسان کي ائين چون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“ شال اهي غير قومون اسان جي آڏو تنهنجي قوم جي وهايل رت جو بدلو ڏين!

11 شل قيدين جون آهون دانهون تنهنجي حضور ۾ اچي پهچن! جن کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي آهي، تن کي تون پنهنجي عظيم قدرت سان بچاءِ.

12 آس‌پاس جون غير قومون تنهنجي خلاف جيڪا گلا ڪن ٿيون، اي ڌڻي! سا ستوڻي ڪري تون موٽائي انهن جي ئي مٿان آڻ.

13 تڏهن اسين جيڪي تنهنجي قوم، ۽ تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، سي سدائين تنهنجو شڪرانو ادا ڪندا رهنداسين، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجيون تعريفون ڪندا رهنداسين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan