زبور 77 - Muslim Sindhi Bibleمصيبت جي وقت دلاسو (استاد موسيقار يدوتون جي لاءِ، آسف جي زبورن ۾ شامل) 1 آءٌ بلند آواز سان خدا آڏو فرياد ڪريان ٿو، هائو، آءٌ خدا آڏو ئي فرياد ٿو ڪريان، تانتہ هو منهنجي دانهن ٻڌي. 2 مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي. 3 توڙي جو آءٌ خدا کي ياد ڪري سوچ ويچار ڪريان ٿو، تڏهن بہ آءٌ آهون ڀريان ٿو ۽ ماندو ٿيو پوان. 4 هو منهنجي اکين کي ننڊ ڪرڻ کان روڪي ٿو، مون کي اهڙي ڳڻتي وٺي ويئي آهي جو ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھان. 5 جيڪي ڏينهن گذري ويا آهن تن تي آءٌ غور ڪريان ٿو، هائو، آڳاٽي زماني جي سالن کي ياد ڪريان ٿو. 6 آءٌ رات جو ويٺو پنهنجيءَ دل سان حال اوريان ٿو. آءٌ اهو غور ٿو ڪريان ۽ منهنجي دل انهيءَ جاچ جاچان ۾ آهي تہ 7 ڇا ڌڻي اسان کي هميشہ جي لاءِ رد ڪري ڇڏيندو؟ ڇا هو اسان تي وري ڪڏهن بہ مهربان نہ ٿيندو؟ 8 ڇا سندس دائمي شفقت اسان تان هميشہ لاءِ هلي ويئي آهي؟ ڇا هن پنهنجو واعدو سدا لاءِ اسان کان ٽوڙي ڇڏيو آهي؟ 9 ڇا خدا رحم ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا هن غصي وچان پنهنجيءَ ٻاجھہ کي روڪي ڇڏيو آهي؟ 10 پوءِ مون اهو سمجھيو تہ منهنجي ڏک جو سبب هي آهي، جو خدا تعاليٰ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. 11 تنهن هوندي بہ اي خداوند! مون کي تنهنجا ڪم ياد آهن. هائو، مون کي تنهنجا قديم وقت وارا معجزا ياد آهن. 12 آءٌ تنهنجي سڀني ڪمن تي غور ٿو ڪريان، بيشڪ آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن تي ويچار ڪريان ٿو. 13 اي اسان جا خدا! تنهنجيون راهون بلڪل پاڪ آهن. تو خدا جهڙو عظيم ٻيو ڪو معبود ڪونهي. 14 تون ئي تہ خدا آهين جيڪو عجيب ڪم ڪرين ٿو. تو قومن ۾ پنهنجي قدرت ظاهر ڪئي آهي. 15 تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي. 16 اي خدا! سمنڊن جڏهن تو کي ڏٺو، تڏهن اهي خوف وچان بلڪل تري تائين ڏڪي ويا. 17 ڪڪرن ڏاڍو مينهن وسايو آهي، ۽ آسمان مان گجگوڙ ٿيا آهن. تنهنجي وڄ تيرن جيان چئني طرفن ڏانهن هلي آهي. 18 تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي. 19 تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن. 20 جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society