Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 76 - Muslim Sindhi Bible


خدا فاتح
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي گيت تار وارن سازن تي ڳايو وڃي. آسف جي زبورن ۾ شامل)

1 يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي.

2 هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي.

3 هن انهيءَ جبل تي حملو ڪندڙن جا تکا تير ڀڃي ڇڏيا، هائو، سندن ڍالون، تلوارون ۽ جنگ جا سڀ هٿيار ٽوڙي ڇڏيائين.

4 اي خدا! تون ڪيڏو نہ جلوي وارو آهين! تون شان سان جبلن تان لهي آيو آهين، جتي تو جنگ ڪري فتح حاصل ڪئي آهي.

5 جنگي جوڌا اتي لُٽجي ويا آهن ۽ وڃي ابدي ننڊ ۾ ستا آهن، بيشڪ اهي زور وارا هئا پر سندن زورِ بازو بہ ڪم ڪين آيو.

6 اي يعقوب جا خدا! تنهنجيءَ ڇينڀ تي ئي، جنگي گھوڙا توڙي انهن جا سوار موت جي ننڊ ۾ وڃي ستا آهن.

7 بيشڪ اي خداوند! تون هيبتناڪ آهين. تنهنجي غضبناڪ ڪاوڙ مهل ڪير تو آڏو بيهي سگھندو؟

8 تو پنهنجي فتويٰ جيڪا عرش عظيم تان ٻڌائي آهي، سا ٻُڌي دنيا ڊڄي ويئي آهي ۽ ماٺ ڪيو ويٺي آهي،

9 هائو، ان وقت جڏهن تون عدالت ڪرڻ جي لاءِ اُٿئين، تان‌تہ ڌرتيءَ جي سڀني مظلومن کي بچائين.

10 توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.

11 سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.

12 هو سردارن جي غرور کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن جي لاءِ هيبتناڪ آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan