Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زبور 75 - Muslim Sindhi Bible


خدا عادل جج
(استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي گيت ”برباد نہ ڪر“ جي سُر تي ڳايو وڃي. آسف جي زبورن ۾ شامل)

1 اسين شڪر ڪريون ٿا، اي خدا! اسين تنهنجو شڪر ٿا ڪريون. اسين تنهنجي نالي جي واکاڻ ٿا ڪريون، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن جو بيان ڪريون ٿا.

2 خدا ٿو فرمائي تہ ”آءٌ پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي، هر ڪنهن جو سچائيءَ سان انصاف ڪندس.

3 آءٌ ئي ائين ڪندس، هائو، آءٌ ئي جيڪو ڌرتيءَ جي بنيادن کي قائم ٿو رکان، جيتوڻيڪ اها پنهنجي سڀني رهاڪن سميت ڌُڏي ويئي آهي.

4 آءٌ مغرورن کي چوان ٿو تہ ’اوهين غرور نہ ڪريو،‘ ۽ بڇڙن کي چوان ٿو تہ ’اوهين پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو.

5 هائو، اوهين آسمان ڏانهن پنهنجا ڳاٽ اوچا نہ ڪريو، اوهين ڪڏهن بہ مغروريءَ سان نہ ڳالهايو.‘“

6 ڏسو، انصاف اولهہ يا اوڀر ۾ ڪنهن کان ڪونہ ٿو ملي، نڪي اهو ڏکڻ يا اتر ۾ ڪنهن کان ملي ٿو.

7 پر اهو خدا ئي آهي جيڪو انصاف ڪندي، ڪنهن کي هيٺ ٿو ڪيرائي تہ ڪنهن کي مٿي چاڙهي ٿو.

8 بيشڪ خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو پيالو آهي، جيڪو سخت غضب واريءَ خوب گڏايل مئي سان ٽمٽار آهي. خداوند انهيءَ پيالي منجھان پاڻ اوتي ٿو، ۽ انهيءَ جو آخري قطرو بہ نچوڙي دنيا جي سڀني بڇڙن کي پيئاريو ويندو.

9 پر آءٌ سندس عجيب ڪمن جو هميشہ بيان ڪندو رهندس. هائو، آءٌ يعقوب جي خدا جي واکاڻ ڳائيندو رهندس.

10 هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan